واشنگٽن (م ڊ) برطانوي خابرو اداري رائٽرز موجب موجوده ۽ اڳوڻن آمريڪي عهديدارن خبردار ڪيو آهي ته افغانستان جي بگرام ايئر بيس تي ٻيهر قبضو ڪرڻ نئين جنگ شروع ڪرڻ جي برابر هوندو، جنهن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 10 هزار فوجي ۽ جديد فضائي دفاعي نظام جي ضرورت پوندي. هڪ آمريڪي عهديدار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي چيو ته بگرام تي ٻيهر ڪنٽرول لاءِ ڪنهن به منصوبي تي ڪم نه پيو ٿئي، ڇو ته ان لاءِ وڏي آپريشن جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته بيس جي مرمت، سپلاءِ ۽ آپريشنل لاڳت تمام وڏي هوندي. اڳوڻي آمريڪي دفاعي عهديدار چيو ته صدر ٽرمپ جي ان ڳالهه جي اهميت گهٽ آهي، جنهن ۾ هن چين جي ويجهو بگرام جي اهميت تي زور ڏنو. سندس چوڻ آهي ته بيس تي موجودگي جا فائدا محدود آهن، پر خطرا وڌيڪ آهن. ياد رهي ته ٽرمپ جا بيان ان وقت سامهون آيا آهن، جڏهن پينٽاگون افغانستان مان 2021 ۾ آمريڪي فوج جي بي ترتيب نڪرڻ جو جائزو وٺي رهيو آهي، جنهن کي ڪيترائي ماهر چين سان وڌندڙ مقابلي جهڙن وڏن قومي چئلينجن تان ڌيان هٽائڻ وارو عمل قرار ڏين ٿا.