ڪراچي/لاڙڪاڻو (نمائندن وٽان) شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي موڀي پٽ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي 29هين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي، 29 سال گذرڻ باوجود سندس قاتلن کي سزا نه ملي سگهي.
سندس ورسي جي ڏينهن ڳڙهي خدا بخش ۾ سندس مزار تي اڳواڻن پاران حاضري ڀري وئي، جڏهن ته قرآن خواني پڻ ڪرائي وئي.
شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين جي 29هين ورسي تي ذوالفقار ڀٽو جونيئر پنهنجي ڀيڻ فاطمه ڀٽو سان گڏ جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ته ٻوڏ سبب شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين جي ورسي تي ڪو پروگرام ناهي رکيو، اسان امداد گڏ ڪري ٻوڏ متاثرن کي اماڻي آهي، جڏهن ته ڪارڪن ورسي واري ڏينهن حيدرآباد ۾ ٻوٽا پوکين پيا.
هنن وڌيڪ چيو ته اسان هن موقعي تي پنهنجي فلسطيني ڀائرن سان به ٻڌي جو اظهار ڪيون ٿا.
شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين جي 29هين ورسي، ٻوڏ سبب ڪو پروگرام ناهي رکيو: فاطمه/ذوالفقار
You might also like