لاهور/لنڊن (عمران شفقت) صدر ڊونلڊ ٽرمپ برطانيا جي دوري دوران وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ وڏو انڪشاف ڪيو آهي ته آمريڪا افغانستان ۾ بگرام ائير بيس واپس وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ٽرمپ چيو ته اها ائير بيس طالبان وٽ بنا قيمت جي ڇڏي وئي هئي، جيڪا چين جي ايٽمي هٿيارن جي سهولت واري علائقي کان رڳو هڪ ڪلاڪ جي وٿي تي آهي. ٽرمپ موجب ائير بيس تي ڪنٽرول واپس وٺڻ جو مقصد چين جي ويجهو آمريڪي موجودگي کي بحال ڪرڻ آهي. هن اها ڳالهه ڪندي چين کي عالمي سطح تي وڌندڙ طاقت قرار ڏنو. تجزين موجب ٽرمپ جو اهو موقف آمريڪا ۽ اولهه ملڪن جي وچ ۾ نون تڪرارن جو سبب بڻجي سگهي ٿو، جيئن روس-يوڪريني جنگ ۾ ڏٺو ويو. مبصرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن آمريڪا بگرام ائير بيس تي ٻيهر قبضو ڪري ٿو ته چين جو سخت ردعمل سامهون اچي سگهي ٿو، جنهن جا عالمي نتيجا تمام گهڻا خطرناڪ ٿي سگهن ٿا.