”منهنجو ماضي منهنجو ايمان ناهي“: اسلام قبوليندڙ اڳوڻي فحش اداڪارا جو تنقيد ڪندڙن کي جواب

جاپان جي اڳوڻي پورن اسٽار ري لل بليڪ اسلام قبولڻ کانپوءِ پاڻ تي ٿيندڙ تنقيد جو جواب ڏيندي چيو آهي ته منهنجو ماضي منهنجي ايمان جي سڃاڻپ ناهي.
اڳوڻي جاپاني پورن اسٽار ري لل بليڪ هلندڙ سال رمضان المبارڪ ۾ اسلام قبولڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ڌيان حاصل ڪيو هو، خاص طور ملائيشيا ۾ هن جون افطاري ڪندي ۽ مسجدن جي دوري جون تصويرون وائرل ٿيون هيون.
اڳوڻي پورن اسٽار پنهنجي ماضي تي ٿيندڙ تنقيد جي جواب ۾ واضح ڪيو ته پراڻيون وڊيوز هاڻ منهنجي ڪنٽرول ۾ ناهن ۽ گذريل زندگي ڇڏي چڪي آهيان، منهنجو ماضي منهنجي ايمان جي سڃاڻپ ناهي، منهنجو تعلق هاڻ الله سان آهي ڪنهن انسان سان نه.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.