اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججن چيف جسٽس سرفراز ڊوگر جا مختلف قدم ۽ اختيار سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪندي انفرادي طور اپيليون داخل ڪري ڇڏيون.
ججن طرفان داخل آئيني درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جج کي ڪم کان روڪڻ جي درخواست هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي جوڳي ناهي، ڪنهن جج کي رڳو آئين جي آرٽيڪل 209 تحت ئي ڪم کان روڪي سگهجي ٿو.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته 5 ججن اها درخواست آئين جي آرٽيڪل 3/184 تحت داخل ڪئي آهي، آرٽيڪل 202 تحت ٺهيل رولز موجب ئي چيف جسٽس بينچ جوڙي سگهي ٿو، جڏهن ته ”ماسٽر آف روسٽر“ جو نظريو سپريم ڪورٽ اڳ ئي ڪالعدم قرار ڏئي چڪي آهي.
وڌيڪ چيو ويو آهي ته انتظامي ڪميٽين جا 3 فيبروري ۽ 15 جولاءِ جا نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنا وڃن، انهن ڪميٽين جا قدم به ڪالعدم قرار ڏنا وڃن ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا تازا رولز غير قانوني قرار ڏنا وڃن.
درخواست ۾ اهو نڪتو به اٿاريو ويو ته هاءِ ڪورٽ آئين جي آرٽيڪل 199 تحت پنهنجي پاڻ کي آئيني رٽ جاري نٿي ڪري سگهي.
ان ئي ڏينهن 5 ججن پنهنجي خلاف فيصلي تي انفرادي طور اپيلون به سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيون.
جمعي تي جسٽس طارق محمود جهانگيري فريادين جي گيٽ مان ڪارڊ کڻي سپريم ڪورٽ پهتو، ان سان گڏ جسٽس بابر ستار، جسٽس ثمن رفعت، جسٽس سردار اعجاز اسحاق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني به عدالت عظميٰ ۾ موجود رهيا، ججن اپيلون داخل ڪرڻ لاءِ بائيو ميٽرڪ به ڪرايو.
ان موقعي تي جسٽس محسن اختر ڪياني وضاحت ڪندي چيو ته تازي رولز موجب هڪ ئي درخواست ۾ سمورا جج ڌر نٿا بڻجي سگهن، تنهن ڪري الڳ الڳ اپيلون داخل ڪيون ويون آهن.
واضح رهي ته اڄ ئي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي اختيارن کي چيلينج ڪندي سپريم ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪئي، جنهن ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ رياست کي ڌر بڻايو ويو آهي.
جسٽس محسن اختر ڪياني موقف اختيار ڪيو ته انتظامي اختيار عدالتي اختيارن تي حاوي نٿا ٿي سگهن، چيف جسٽس اڳ کان جڙيل بينچ ۾ تبديلي ڪرڻ جو مجاز ناهي، پنهنجي مرضي موجب دستياب ججن کي روسٽر کان الڳ نٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي ججن کي عدالتي فرض انجام ڏيڻ کان روڪي ٿو سگهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججن چيف جسٽس جا اختيار ۽ عدالتي قدم سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيا
You might also like