اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاق ۽ سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي پيداوار وڌائڻ لاءِ قدم کڻڻ ۽ ڪڻڪ ڪنهن به صورت ۾ درآمد نه ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير راڻا تنوير پنهنجي وفد سان ملاقات ڪئي، ان موقعي صوبائي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ۽ خوراڪ بابت خاص مددگار جبار خان به موجود هئا.
ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪڻڪ جي درآمد بدران پنهنجي آبادگارن جي حوصلا افزائي ۽ مدد ڪئي ويندي ۽ قومي سطح تي ڪڻڪ لاءِ صوبن جي صلاح مشوري سان هڪ نئين پاليسي جوڙي ويندي.
ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي قيمت 3300 کان 4000 رپيا آهي، اهڙي پاليسي ٺاهڻ جي ضرورت آهي جنهن سان وچولي ڌر بدران آبادگارن کي فائدو ٿئي، ڪڻڪ ڪنهن به صورت ۾ درآمد نه ٿيڻ گهرجي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته بلاول ڀٽو اڳ ئي فوڊ سيڪيورٽي جو خطرو ظاهر ڪيو هو، آبادگارن کي سٺي سپورٽ پرائس ڏيڻي پوندي.
هن چيو ته ملڪ ۾ گذريل سال 6 سيڪڙو گهٽ ڪڻڪ پوکي وئي، جيڪڏهن سٺي سپورٽ پرائس ڏني ويندي ته آبادگار وڌيڪ پوک ڪندا.
سندس چوڻ هو ته صوبي ۾ 34 لک 52 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي پيداوار ٿئي ٿي ۽ هاڻي سنڌ وٽ 13 لک 85 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ موجود آهي.
وڏي وزيرچيو ته ڪيترن ئي اجلاسن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪڻڪ جي گهرجن ۽ ذخيرن جو جائزو ورتو ويو آهي، اندازي موجب نئين فصل اچڻ تائين ڪڻڪ موجود رهندي.
هن وڌيڪ چيو ته فوڊ سيڪيورٽي لاءِ قومي پاليسي جوڙڻ ضروري آهي، گذريل سال وڏي غلطي ٿي جو سپورٽ پرائس مقرر نه ڪئي وئي، جنهن ڪري آبادگارن کي نقصان ٿيو ۽ هو زمينون وڪڻڻ تي مجبور ٿيا، هاڻي آبادگارن جي حوصلا افزائي ڪندي وڌيڪ پيداوار ڪرڻي پوندي.
وفاقي وزير راڻا تنوير چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي هو وڏي وزير سنڌ سان ملاقات لاءِ آيو آهي.
هن چيو ته وفاقي حڪومت چاهي ٿي ته اسٽرٽيجڪ ڪڻڪ ذخيرا موجود هجن، پنجاب وزيراعليٰ سان به ڪڻڪ جي ضرورتن ۽ ذخيرن بابت ڳالهيون ڪيون ويون آهن.
You might also like