سعودي عرب جو بنيادي خطرو ايران نه اسرائيل آهي؟

اسلام آباد(عاصمه شيرازي)پاڪستان هاڻي باقاعدي طور تي حرمين شريفين جي تحفظ ۾ سعودي عرب جو ساٿي بڻجي چڪوآهي۔ جيڪڏهن سعودي عرب تي حملو ٿيندو ته اهو پاڪستان تي حملو تصور ڪيو ڪيو  ويندو،پاڪستان هڪ ايٽمي طاقت آهي جنهن وٽ ميزائل آهن، جيڪي اسرائيل کان وٺي آمريڪا تائين کي نشانو بڻائي سگهن ٿا، جڏهن ته سعودي عرب وٽ جديد ترين هوائي ۽ بحري فوجي نظام موجود آهي،ٻنهي جي گڏيل صلاحيتون خطي جي طاقتور بلاڪن لاءِ وڏي چئلينج بڻجي ويون آهن۔هن معاهدي کان اڳ وزيراعظم پاڪستان جي سعودي عرب ۾ غير معمولي آجيان ڪئي وئي۔ اهو معاهدو هڪ سال کان وڌيڪ وقت کان تياري هيٺ هو، جنهن ۾ جنرل عاصم منير جو وڏو ڪردار رهيو۔ دستخط کان پوءِ واشنگٽن کي اطلاع ڏني وئي، پر آمريڪا کي اڳواٽ اعتماد ۾ نه ورتو ويو۔ اهو عمل آمريڪا سان سعودي ڀروسو ختم ٿيڻ جي علامت آهي۔فائنانشل ٽائيمز لکيو ته  سعودي عملدارن تصديق ڪئي ته ”هڪ تي حملو ٻنهي تي حملو تصور ڪيو ويندو“۔مائيڪل گوگل مين (آمريڪي مبصرچيو ته  هي معاهدو پاڪستان کي چين، ترڪي ۽ هاڻي سعودي عرب جي مڪمل سهڪار سان وڌيڪ طاقتور بڻائي ٿو۔ٽائيمز آف انڊيالکيو ته اهو گڏيل ردعمل آهي جيڪو هندستان لاءِ وڏي مشڪل بڻجي سگهي ٿو، اسرائيل لاءِ اهو معاهدو خطرو بڻجي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هاڻي جيڪڏهن سعودي عرب ۽ اسرائيل ۾ تڪرار وڌي ٿو ته پاڪستان پاڻمرادو ان ۾ اچي ويندو۔ايران بابت به چيو پيو وڃي ته هاڻي سعودي عرب جو بنيادي خطرو ايران نه پر اسرائيل آهي، ۽ ايران کي به هن معاهدي تي اعتراض نه آهي۔سعودي عرب جي مالي قوت ۽ پاڪستان جي فوجي طاقت گڏجي هڪ نئون ورلڊ آرڊر ٺاهي رهيا آهن. اهو معاهدو قطر تي آمريڪي حمايت هيٺ ٿيندڙ حملن کان پوءِ آمريڪا تي سعودي ڀروسو ختم ٿيڻ جو ثبوت آهي۔پاڪستان هاڻي خطي ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندو، ۽ مستقبل ۾ جيڪڏهن ”مسلم نيٽو“ ٺهي ٿي ته پاڪستان ان جو مرڪز هوندو،جڏهن ته آمريڪا سان تعلقات ۾ وڌيڪ ڏوراپو وڌندو۔پاڪستان کي IMF ۽ ٻين مغربي ادارن سان ڳالهين ۾ مشڪلات اچي سگهي ٿي۔افغانستان ذريعي آمريڪا ۽ ٽي ٽي پي جي دٻاءَ جو خطرو به وڌي سگهي ٿو۔مگر مجموعي طور، اهو معاهدو پاڪستان لاءِ هڪ وڏو سفارتي ۽ دفاعي فتح آهي، جنهن سان خطي ۾ طاقت جو توازن تبديل ٿي ويو آهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.