ڪراچي/لاهور(عوامي آواز نيوز)سوشل ميڊيا تي سنڌين جي تذليل ڪندڙ اينڪر رضي دادا جي معاملي تي بحث جاري آهي،پنجاب جي سينئر صوبائي وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) ڪڏهن به صوبائيت، ڪئنالن يا ڊيم جو ڪارڊ نه کيڏيو آهي، ڇو ته ن ليگ کي هميشه قومي سوچ ۽ قومي ترقي اوليت رهي آهيهن چيو ته مخالف ڌر وارا جيڪي 17 سالن ۾ ڪراچي ۽ سنڌ کي تباهيءَ ڏانهن ڌڪي ويا، ان جو خميازو اڄ به عوام ڀوڳي رهيا آهن۔ سنڌ ۾ گذريل وڏن ٻوڏن ۾ عالمي امداد باوجود تباهي کانسواءِ ڪجهه به نظر نٿو اچي،هن چيو ته پنجاب جي تازي ٻوڏن ۾ پيپلز پارٽي جيڪو ڪردار ادا ڪيو، پنجاب ان کي وساري نه سگهندو۔ پر افسوس آهي ته پيپلز پارٽي جا اڳواڻ پنهنجي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي انهي بيان کي به تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، جنهن ۾ هن ٻوڏ جي وقت مريم نواز جي خدمت ۽ ڪردار جي ساراهه ڪئي هئي۔صحافي احمد نوراني چيو ته هڪ اهڙو شخص، جيڪو پاڻ کي پنجابي سڏي پشتون، بلوچ ۽ ٻين قومن لاءِ باقاعدي گنديون ڳالهيون استعمال ڪندو رهيو آهي، ان جي يوٽيوب چينل بند ٿيڻ خلاف مسلم ليگ (ن) ۽ ڪجهه صحافي مهم هلائي رهيا آهن۔جڏهن ته ٻين ڪيترن ئي صحافين ۽ تجزين نگارن جا چينل پاڪستان اندر مڪمل طور تي بند آهن پر انهن لاءِ ڪا گڏيل آواز نه اڀري،صحافي عمر چيما چيو ته پنجاب ۾ سڀ کان پهرين وطن پرستي پڙهائي ۽ سيکاري وڃي ٿي جڏهن ته باقي صوبن ۾ نسل پرستي،سنڌ جي ناليواري ليکڪه عرفانه ملاح لکيو ته توهان جي نظر ۾ وطن پرستي جو معيار خبر ناهي ڪهڙو آهي،افسوس آهي جو سڀ رضي دادا جي حمايت ۾ بيهي رهيا آهن،صحافي مزمل سهروردي رضي دادا جي حمايت ۾ چيو ته پ پ پنجاب کي گاريون ڏيندڙن جي سرپرستي ڪري رهي آهي،سنڌ ۾ پنجاب خلاف ڌرڻا هنيا ويا،گاريون ڪڍيون ويون،تڏهن ڇو سڀ چپ رهيا؟ليکڪه عائشه صديقه چيو ته هي بيان جنهن لاءِ هن نفرت انگيز تقرير ڪندڙ کي معافي وٺڻي پئي، انتهائي نفرت جهڙو ۽ بيهوده هو۔ جيڪڏهن پاڪستان ۾ حقيقي قانون جي حڪمراني هجي ها ته هو جيل ۾ هجي ها، ان جي بدران هر قسم جا پنجاب جا ماڻهو سندس بچاءُ ۾ بيٺل نظر اچن ٿا۔پ پ ايم پي اي شازيه ڪريم سينگهار جڏهن پنجاب ٻڏل پيو آهي،وسيب جا ماڻهو سيلاب سبب جان ۽ مال کان محروم ٿي رهيا آهن،اهڙي مهل نون ليگ کين رليف جي مهم هلائڻ بدران پنهنجي ناڪامي ۽ نااهلي لڪائڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي هڪ ساڙ رکندڙ شخص لاءِ مهم هلائڻ ۾ مصروف آهي۔
-
رضي دادا جي حمايت ۾ هلندڙ مهم افسوسناڪ آهي:ترجمان سنڌ سرڪار
ڪراچي(رپورٽر)سنڌ حڪومت جي ترجمان پنجاب حڪومت طرفان رضوان رضي جي حمايت ۾ هلندڙ مهم کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) ۽ پنجاب حڪومت هڪ بيمار شخص جي حمايت ۾ مهم هلائي رهيا آهن، جيڪو انتهائي افسوسناڪ عمل آهي۔ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو آهي ته اهڙو رويو سنڌ لاءِ ناڪاري پيغام آهي۔ هن چيو ته (ن) ليگ جي پنجاب حڪومت پنهنجي ناقص ڪارڪردگي تان عوام جي ڌيان کي هٽائڻ چاهي ٿي، جڏهن ته ٻوڏ دوران خراب حڪمت عملي ۽ ناتجربي ڪاري سبب پنجاب جا عام ماڻهو سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن