شفاف چونڊون ٿين ها ته پ پ 30 سيڪڙو به سيٽون نه کڻي سگهي ها:مرتضيٰ جتوئي

لاڙڪاڻو( رپورٽ :ساجد تنيو ) جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ نيشنل پيپلز پارٽي جي سربراهه غلام مرتضيٰ جتوئي لاڙڪاڻي جي فرسٽ ايڊيشنل اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ ڏوڪري ٿاڻي تي داخلڪيس جي ٻڌڻي جي سلسلي ۾ پنهنجي وڪيلن قاضي منظور، عرفان خان جتوئي، مجاهد جتوئي ۽ ٻين سان گڏجي پيش ٿيو. ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي غلام مرتضيٰ جتوئي چيو ته اڄ ڏوڪري ۽ باڊهه ٿاڻن تي داخل ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ پوليس وارن کي بيان رڪارڊ ڪرائڻا هئا پر هو سايو ڪري ڪونه آيا جنهن ڪري عدالت ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته اسان جونيئر ذوالفقار ڀٽو کي مشورو ڏنو آهي ته اسان جي نيشنل پيپلز پارٽي جي ڊي اي سان اڳ ئي الائنس ۾ آهي جڏهن جونيئر پارٽي ٺاهي  ته سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ان ۾ جونيئر به هوندو جنهن ۾ اسان الائنس يا سيٽ ايڊجسٽمينٽ ۾ گڏ ٿي سگهون ٿا هن چيو ته بهرالحال  سنڌ تي جيڪا مصيبت نازل ٿي آهي ان مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ سڀني کي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ گڏ ٿيڻو پوندو. هن چيو ته مان راشد محمود سومرو جو ٿورائتو آهيان جنهن مون کي ان قابل سمجهيو ته مان ان جي پارٽي ۾ شامل ٿيان پر اسان نه رائيٽ نه ليفٽ پر هميشه نظرياتي ۽ مڊل آف دي روڊ سياست ڪئي آهي، سنڌ ۾ جي يو آئي جو پنهنجو ۽ اسان جو پنهنجو نظريو آهي، هنن کي پنهنجو ۽ اسان کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي ۽ اسين گڏجي سنڌ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين. هن چيو ته 2018 ۽ 2024 ۾ جيڪڏهن شفاف چونڊون ٿين ها ته پيپلز پارٽي 30 سيڪڙو به سيٽون کڻي نه سگهي ها. ٻئي پاسي غلام مرتضيٰ جتوئي لاڙڪاڻي شهر جي وليد محلا ڪوٽ داراب خان عباسي پهچي جي ڊي اي اڳواڻ معظم علي عباسي سان سندس ماسي جي لاڏاڻي تي تعزيت پڻ ڪئي جنهن کان پوءِ هو نوشهروفيروز لاءِ روانو ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.