قطر اسرائيل خلاف عالمي فوجداري عدالت سان رابطو ڪري ورتو

قطر (ويب ڊيسڪ) قطر چيو آهي ته اسان اسرائيل خلاف عالمي فوجداري عدالت ۾ قانوني ڪارروائي ڪنداسين.
اهڙو اعلان قطري پرڏيهي وزير ڊاڪٽر محمد بن عبدالعزيز الخليفه ڪيو.
هن ٻڌايو ته هيگ ۾ آءِ سي سي جي ڊپٽي پراسيڪيوٽر نزهت خان سان ٻه ملاقاتون ڪيون آهن، جن ۾ اسرائيل کي قانوني طور قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
هن چيو ته قطر پنهنجي خود مختياري ۽ عوام جي تحفظ لاءِ قانوني رستو اختيار ڪندو، اسان ڏوهارين کي سزا ۽ عالمي قانون تحت جوابده بڻائڻ لاءِ عالمي عدالت ويا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.