چمن (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي شهر چمن ۾ بارڊر ٽيڪسي اسٽينڊ تي ڌماڪي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا.
اسسٽنٽ ڪمشنر موجب بارڊر ٽيڪسي اسٽينڊ تي ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
هن ٻڌايو ته بارودي مواد مسافرن جي سامان ۾ رکيو ويو هو.
واقعي کانپوءِ فورسز علائقي جو گهيرو ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏيو.
You might also like