دبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا چيو آهي ته مڊل آرڊر ۾ بيٽنگ تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ايشيا ڪپ ۾ يو اي اي کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ، پاڪستان ٽيم جي ڪپتان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڀارت خلاف سپر فور ۾ چئلينج لاءِ تيار آهيون، جڏهن ته اڃا تائين ٽورنامينٽ ۾ اسان پنهنجي بهترين ڪارڪردگي نه ڏيکاري آهي.
سلمان علي آغا مڊل آرڊر ۾ بيٽنگ کي بهتر بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو ته جيڪڏهن وچ وارن اوورن ۾ سٺي بيٽنگ ٿئي ته ڪنهن به ٽيم خلاف 170 رنسون ٺاهي سگهون ٿا.
ڪپتان وڌيڪ چيو ته شاهين آفريدي اسان جو ميچ ونر آهي ۽ ابرار احمد به هر ميچ ۾ سٺي بالنگ ڪري رهيو آهي.
اسان اڃا تائين ٽورنامينٽ ۾ بهترين ڪارڪردگي ناهي ڏيکاري، ڀارت خلاف مقابلي لاءِ تيار آهيون: سلمان آغا
You might also like