شاهه رخ خان جي پٽ جي بالي ووڊ ۾ انٽري، ” پيءُ جي پاڇي مان نڪري ڏسُ ته ٻاهر ڪيڏي اُس آهي“

بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان جي پٽ آريان خان جو ڊيبيو حقيقت جو روپ ڌاري چڪو آهي.
سپر اسٽار شاهه رخ خان جو پٽ آريان خان هدايتڪار طور او ٽي ٽي پليٽ فارم” نيٽ فلڪس“ تي 19 سيپٽمبر تي پنهنجي سيريز ۾”دي بيڊز آف بالي ووڊ“ ذريعي انڊسٽريءَ ۾ ڊيبيو ڪري رهيو آهي.
هن شو جو موضوع بالي ووڊ ۽ پنهنجا نوازي ( نيپوٽزم) آهي.
سيريزجي ٽريلر ۾ هڪ فلمي گهراڻي مان آيل هيروئن کي اِهو چوندي ڏيکاريو ويو آهي”ڪنهن جي پاڇي ۾ رهڻ به هڪ جدوجهد آهي “
جنهن جي جواب ۾ هيرو (جنهن جو تعلق ڪنهن فلمي خاندان سان ناهي) وراڻي ٿو ته ”پيءُ جي پاڇي مان نڪري ڏس ته ٻاهر ڪيتري اُس آهي “
گذريل ڪجهه سالن کان هندي سئنما ۾ پنهنجا نوازيءَ وارو موضوع تمام گهڻو بحث هيٺ رهيو آهي.
آريان جڏهن پنهنجي سيريز لانچ ڪرڻ لاءِ پهريون ڀيرو اسٽيج تي آيو ته هن پنهنجي پيءُ شاهه رخ خان جو نالو کڻڻ ۾ هٻڪ محسوس نه ڪئي.
هن واضح انداز ۾ چيو ته ” هو گذريل ڪيئي ڏينهن کان لاڳيتو مشق ڪري رهيو آهي، مان ايترو گهٻرايل آهيان جو پنهنجي تقرير ٽيلي پرامپٽر تي به لکرائي آهي ۽ جيڪڏهن هتي بجلي به هلي ويئي ته ڪاغذ تي به لکي آيو آهيان، پوءِ به جي مون کان غلطي ٿي ويئي ته بابو آهن نه!“
آريان جي اِها وڊيو ڏسندس ئي ڏسندي وائرل ٿي وئي، ڪجهه ماڻهن ان ۾ سپر اسٽار شاهه رخ نظر آيو ته ڪجهه چيو ته هو پنهنجي پيءُ بابت ڳالهائي رهيو آهي، ڪنهن سپر اسٽار جي ڳالهه نه پيو ڪري.
ان سموري صورتحال ۾اِهو سوال اُڀري ٿو ته ڇا ماڻهو آريان خان کي صرف ۽ صرف ”نيپو ڪڊ“ جي عينڪ سان ڏسندا يا سندس ڪم جي بنياد تي پرکيندا؟
فلم ٽريڊ اينالسٽ گريش وانکيڙي برطانوي ميڊيا کي ٻڌايو ته ”آريان خان هڪ رسڪي شو ٺاهيو آهي، ان لاءِ مان کيس پورا نمبر ڏيندس “
هن چيو ته ”هن جو پهريون شو فلم انڊسٽري ۽ پنهنجا نوازيءَ تي ئي پيروڊي آهي، هو چاهي ها ته هڪ محفوظ رستو اختيار ڪري اداڪار طور فلمن ۾ انٽري ڏئي پئي سگهيو. “
هن وڌيڪ چيو ”پنهنجا نوازي واري بحث ته هلندو رهندو، اداڪار جو اولاد اداڪار ٿيندو آهي اها فطري ڳالهه آهي، ها اِهو صحيح آهي ته کين هڪ پليٽفارم ملي ويندو آهي،پر انڊسٽريءَ ۾ ٽِڪڻ لاءِ ثابت پاڻ کي ئي ڪرڻو پوندو آهي.“

بالي ووڊ ۾ پنهنجا نوازي بابت مختلف رايا
سال 2022ع ۾ هڪ انٽرويو دوران اداڪارا اننيا پانڊي چيو هو ته سندس والد چنڪي پانڊي کي ڪڏهن به ”ڪافي وِد ڪرن“ جهڙي شو تي ناهي سڏايو ويو.
جنهن تي اداڪار سڌانت چترويدي جواب ڏنو ته ”جتي اسان جا خواب پورا ٿين ٿا، اتان کان سندن جدوجهد شروع ٿئي ٿي “ (يعني فلمي پسمنظر رکندڙن لاءِ جدوجهد جي تعريف بنهه مختلف هوندي آهي)

اداڪارا سوارا ڀاسڪر به مڃي ٿي ته فلم انڊسٽري ۾ پنهنجا نوازي آهي
پنهنجي بيان ۾ سوارا ڀاسڪر چيو ته ”اهو صحيح آهي ته مون کي اها لانچ نه ملي جيڪا وڏن ستارن جي ٻارن کي ملي ٿي، جتي ڪنهن اسٽار جي ٻار کي اڳتي وڌڻ ۾ ٻه سال لڳندا آهن، اتي مون کي ڏهه سال لڳي ويا.“
هن چيو ته ”مون وٽ ٻيو ڪيئي سهولتون به آهن جيڪي شايد ڪنهن ننڍڙي شهر مان آيل ڇوڪريءَ وٽ نه هجن، هر انڊسٽري ۾ ماڻهو پنهنجا نوازي جو شڪار ٿين ٿا“
گريش وانکيڙي موجب، جيڪڏهن آريان خان جهڙن لاءِ سندن والدين سهارو آهن ته اهڙا ڪيترائي فلمي ستارن جا ٻار آهن جيڪي انڊسٽريءَ ۾ نه ٽڪي سگهيا، ڇو ته اصل پئمانو ٽيلنٽ ۽ ڏسندڙن جي قبوليت آهي.

ڪيترا ئي ناڪام اسٽار ڪڊز انڊسٽري ۾ مثال آهن
ڌرميندر پنهنجي پٽن سني ۽ بوبي ديول کي شاندار نموني لانچ ٿيا، سني ڪامياب ٿيو پر بوبي ڊگهي عرصي تائين غائب رهيو ۽ ويجهڙائي ۾ ئي کيس ”اينمل“ جهڙين فلمن ذريعي نئين سڃاڻپ ملي.
ڪپور خاندان کي هندي سئنما جو پهريون خاندان قرار ڏنو ويندو آهي، پر ان خاندان ۾ به راج ڪپور جو پٽ راجيو ڪپور مثال آهي جيڪو ڪجهه فلمن کان پوءِ منظر تان گم ٿي ويو.
اهڙي ريت سنجي دت، انيل ڪپور ۽ عاليه ڀٽ ڪامياب ٿيا، پر پرو راجڪمار، سنيَل آنند، ڪنال گوسوامي، مالا سنها، هيما مالني ۽ سنيَل شيٽي جا ٻار ناڪام رهيا.
ڪجهه وقت اڳ ڪرن جوهر جي هڪ وڊيو وائرل ٿي هئي جنهن ۾ سندس پٽ کي هڪ شرٽ پهريل آهي جنهن ”نيپو ڪڊ“ لکيل هو.
سينيئر فلم نقاد اجي برهماٽمج ان تي سوال اٿاري ٿو ته ”پنهنجا نوازي جي حقيقت کي مزاح ذريعي ايترو هلڪو بڻائي ڇڏيو اها پنهنجي معنيٰ وڃائي ويهي، انڊسٽريءَ جا اندروني ماڻهو ائين ئي ڪري رهيا آهن، ڪڏهن ايوارڊ شو ۾ ان تي ٺٺول ڪئي وڃي ٿي ، ڪڏهن بيشرمي سان قبول ڪري کلن ٿا.“
هن چيو ته ”طاقتور هميشه فائدي ۾ هوندو آهي ۽ نپو ڪڊ کي اها سگهه ملندي آهي، گذريل نسل محنت ڪئي آهي ته ان جو فائدو نسلن کي ملي، اها دليل غلط لاڙي کي جائز قرار ڏيندي آهي “

پنهنجا نوازي جي بحث سُشانت سنگهه راجپوت جي موت کان پوءِ وڌيڪ تيز ٿي وئي

اداڪار منوج باجپئي هن کي فضول بحث سمجهي ٿو، سندس چون آهي ته ” فلم انڊسٽري هڪ خانگي ڪاروبار آهي، جتي سيڙپڪار پنهنجي مرضي سان ڪم ڪندو آهي.“
اداڪار نوازالدين صديقي جو خيال آهي ته ”ان بحث جو دارومدار به فلمي شوقينن تي آهي.“
هن فلمي شوقينن ان جو ذميوار قرار ڏيندي چيو ته ” ناظرين ئي پنهنجا نوازيءَ جو ڪارڻ آهن، جڏهن ڪنهن اسٽار جو ٻار فلمن ۾ انٽري ڏيندو آهي ته هو ئي سندس فلمون ڏسڻ ويندا آهن.“
نوازالدين صديقي اِهو به چيو ته ”فلمي ستارن جا ٻار پڻ محنت ڪندا آهن، ائين ناهي ته هو کٽ تان اٿي سڌو اداڪاري ڪرڻ لڳندا آهن.“

اِهو بحث هالي ووڊ ۾ به عام آهي
مثال طور هدايتڪار فرانسس فورڊ ڪوپولا جي ڌيءَ صوفيا ڪوپولا بابت ويب سائيٽ وائيس لکيو آهي ته ” ”هڪ صاف سٿرو ڪيس آهي پنهنجا نوازيءَ جو جيڪو اسٽيرائيڊز تي چڙهيل آهي“، جيتوڻيڪ سندس فلمن آسڪر کٽيا آهن
آريان خان جي سيريز جي ٽريلر ۾ هڪ مڪالمو آهي ته ”بالي ووڊ خوابن جو شهر آهي، پر هي شهر سڀني جو ناهي، ڪجهه ماڻهو هيرو جي گهر پيدا ٿيندا آهن ۽ ڪجهه هيرو پيدا ٿيندا آهن “
هاڻ ساڳئي ڊائلاگ جي ڪسوٽيءَ تي آريان خان کي به پرکڻ گهرجي.
بي بي سي جي ٿورن سان

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.