سلمان کي سونو سود کان چِڙ هئي، رنديپ هودا کي هلڪڙو اداڪار چئي رد ڪري ڇڏيائين: دبنگ جي هدايتڪار جا انڪشاف

خممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ هدايتڪار اڀِينَو ڪشيپ انڪشاف ڪيو آهي ته دبنگ فلم ۾ ”چلبُل پانڊي“ جي ڪردار لاءِ سلمان خان نه پر رنديپ هودا سندس پھرين پسند ھو، پر سلمان کيس رد ڪري ڇڏيو ھو.
ويجهڙ ۾ هڪ انٽرويوءَ دوران اڀِينَو ڪشيپ چيو ته هن ارباز خان کي فلم جي ڪھاڻي رڳو پندرنهن منٽن ۾ ٻڌائي.
هدايتڪار چيو ته ارباز پاڻ چلبُل پانڊي جو ڪردار ادا ڪرڻ چاهي پيو ۽ هن مون کي مڃائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مون محسوس ڪيو ته ارباز سپورٽنگ ڪردار لاءِ وڌيڪ بهتر ھوندو.
هن چيو ته ارباز شرط رکي ته جيڪڏھن ھو فلم پروڊيوس ڪندو ته پوءِ ئي ان ۾ ڪم ڪندو ۽ اڀِينَو اِها شرط قبولي ورتي، ان کانپوءِ ارباز چيو ته هو اِها ڪھاڻي پنھنجي ڀاءُ سلمان خان کي ٻڌائيندو.
ھن انڪشاف ڪيو ته سلمان کي به اسڪرپٽ وڻيو ۽ ھن پڇيو ته ھيرو لاءِ ڪنھن کي ڪاسٽ ڪرڻ چاھين ٿو؟ جڏھن هدايتڪار رنديپ هودا جو نالو کنيو ته سلمان جواب ڏنو ته ”نھ يار رنديپ ھودا جي ڪھڙي مارڪيٽ آھي، ڪير پئسا لڳائيندو؟ ڪو وڏو ھيرو سوچ.“
فلمساز جو وڌيڪ چوڻ هو ته ھن سنجي دت ۽ سني ديول جا نالا ورتا ۽ چيو ته سلمان خان جي باڊي به سٺي آھي جيڪڏھن اھو ٽَف رول ڪري سگھي، ڇو ته چُلبل پانڊي ھڪ ” ڇڙواڳ“ قسم جو ڪرادار هو.
هدايتڪار موجب، جڏھن سلمان خان جو نالو آيو ته سهيل ۽ ارباز ٻنھي چيو ته جيڪڏھن هن کي ڪھاڻي پسند آئي ته هو فلم تي پئسو لڳائيندا.
ان کانپوءِ فلم وِير جي سيٽ تي سلمان خان کي ڪھاڻي ٻڌائي ۽ خان ڀائرن سلمان کي سائن ڪرڻ لاءِ ڏھه لک رپين جو چيڪ ڏنو.
ھن چيو ته سوناڪشي سنها جي ڪاسٽنگ سندس فيصلو ناھي ھو پر نيٺ، هن پنهنجي ڪارڪردگي ذريعي پاڻ کي فلم لاءِ اهل ثابت ڪري ڏيکاريو.
هدايتڪار انڪشاف ڪيو ته جڏھن ولن جي ڪردار تي ڳالهه نڪتي ته ھن سونو سود جو نالو تجويز ڪيو.
اڀِينَو جو چوڻ هو ته ”سونو منھنجو پراڻو دوست ھو، مون ئي کيس مني رتنم جي فلم يُووا ۾ ڪم ڏيارڻ ۾ مدد ڪئي ھئي، منهنجي خواهش هئي ته ولن اھڙو ھجي جيڪو سلمان کان وڌيڪ مضبوط لڳي ۽ سونو فزيڪلي ان ڪردار لاءِ فٽ هو، پر سلمان کي اِها تجويز نه وڻي، هو فلم ۾ سونو جو ڪردار ڏسي پاڻ کي ٿورو غير محفوظ سمجهڻ لڳو.“
ھن وڌيڪ انڪشاف ڪيو ته ان موقعي تي ڪترينا ڪيف مدد ڪئي جيڪا تن ڏينهن ۾ سلمان جي ويجهو هئي، ڪترينا سونو سود جي ولن طور ڪاسٽنگ جي حمايت ڪئي جنھن کانپوءِ سلمان خان راضي ٿي ويو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.