ميٽرڪ بورڊ چيئرمين جي مقرري: سنڌ هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت کان تفصيلي جواب گهري ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ميٽرڪ بورڊ چيئرمين غلا حسين سوهو جي مقرري خلاف درخواست تي وفاقي حڪومت کي تفصيلي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميٽرڪ بورڊ چيئرمين غلام حسين سوهو جي مقرري خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته غلام حسين سوهو کي وفاقي حڪومت ڪڏهن ريليو ڪيو ۽ هو ڪيستائين فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن مان پگهار ۽ مراعتون حاصل ڪندو رهيو؟ ان حوالي سان شفاف رڪارڊ پيش ڪيو وڃي.
درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته غلام حسين سوهو 19هين گريڊ جو آفيسر هو ۽ کيس ٽن سالن جي مدي لاءِ ميٽرڪ بورڊ چيئرمين مقرر ڪيو ويو، هن فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن مان رٽائرمينٽ جي درخواست ڏني پر رٽائرمينٽ جي منظوري جو انتظار ڪرڻ بنا فوري طور نئون عهدو سنڀالي ورتو.
وڪيل چيو ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن غلام حسين سوهو کي ريليو آرڊر اڃا تائين جاري ناهي ڪيو، ان باوجود ميٽرڪ بورڊ چيئرمين هڪ ئي وقت ۾ ٻن ادارن مان پگهارون وصول ڪيون.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ميٽرڪ بورڊ چيئرمين جي مقرري غير قانوني آهي، شفاف انڪوائري جو حڪم ڏنو وڃي ۽ مقرري جو نوٽيفڪيشن درخواست تي فيصلو ٿيڻ تائين معطل ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.