ميڊرڊ (ويب ڊيسڪ) اسپين فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع ۾ اسرائيل جي شرڪت تي ايونٽ جو بائيڪاٽ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، اسپين جي حڪومت اشارو ڏنو آهي ته جيڪڏهن اسرائيل فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو ته اسپين ايونٽ تان هٿ کڻي ويندو.
يورپي چيمپيئن اسپين، جنهن کي ايندڙ سال ورلڊ ڪپ جو ٽائيٽل کٽڻ لاءِ مضبوط اميدوارن ۾ ڳڻيو پيو وڃي، اِها ڌمڪي اسرائيل جي غزا ۾ سرگرمين خلاف هڪ وڏي سياسي احتجاج طور ڏني آهي.
رپورٽن موجب، اِهو چتاءُ اسپين جي حڪمران سوشلسٽ ورڪرز پارٽي (PSOE) جي اڳواڻن طرفان جاري ڪئي وئي آهي.
اسپين جو وزيراعظم پيڊرو سانچيز ان مطالبي جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي ته اسرائيل کي عالمي راندين مان ڌار ڪيو وڃي.
هن ان معاملي جو ڀيٽ روس سان ڪئي، جنهن تي يوڪرين تي حملي کان پوءِ فيفا ۽ يوئيفا مقابلن ۾ شرڪت تي پابندي مڙهي وئي هئي.
سوشلسٽ ورڪرز پارٽي جي نمائندي پيٽسي لوپز به ان موقف جي حمايت ڪندي چيو ته راندين جون تنظيمون اسرائيل کي الڳ ڪن ۽ جيڪڏهن ڪو قدم نه کنيو ويو ته اسپين جي دستبردار ٿيڻ جو امڪان آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن اسپين غزا ۾ فلسطينن جي نسل ڪشي روڪڻ لاءِ اسرائيل تي هٿيارن جي فراهمي سميت مختلف پابندين جو اعلان ڪيو هو.
واضح رهي ته فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جي ميزباني آمريڪا، ڪئناڊا ۽ ميڪسيڪو گڏيل طور ڪندا.
You might also like