اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيف جسٽس يحيٰ آفريدي کي هڪ ٻيو خط لکي ڇڏيو.
عمران خان طرفان لکيل خط عليما خان سپريم ڪورٽ جي آر اينڊ آءِ برانچ ۾ جمع ڪرايو، جنهن ۾ عمران خان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ کان رڳو 31 ڪلو ميٽر پري آهيان پر منهجي لاءِ ۽ گهرواري لاءِ انصاف جا دَر بند ڪيا ويا آهن.
عمران خان خط ۾ چيو ته 772 ڏينهن کان اڪيلائي ۾ قيد آهيان، منهنجو ڪمرو پڃرو بڻايو ويو آهي، 300 کان وڌيڪ سياسي ڪيس قائم ڪيا ويا آهن، پاڪستان جي تاريخ ۾ اهڙو مثال نٿو ملي.
خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته بشريٰ بي بي جي صحت بگڙي رهي آهي پر ڊاڪٽر کي معائني جي اجازت نٿي ڏني وڃي.
خط جي آخر ۾ عمران خان لکيو ته اڄ پاڪستان هڪ فيصلائتي موڙ تي بيٺو آهي، رڳو آئين ۾ ڏنل انصاف، وقار ۽ برابري جو طلبگار آهيان، چيف جسٽس پنهنجي حلف جي پاسداري ڪري ۽ عوام کي خاطري ڪرائي ته سپريم ڪورٽ ۾ انصاف جي آخري پناهه گاهه آهي.
سپريم ڪورٽ کان رڳو 31 ڪلو ميٽر پري آهيان پر انصاف جا دَر مون لاءِ بند آهن: عمران خان جو چيف جسٽس کي خط
You might also like