اسرائيل سان سيڪيورٽي معاهدو ٿي سگهي ٿو: شامي عبوري صدر

دمشق (ويب ڊيسڪ) شام جي عبوري صدر احمد الشرع چيو آهي ته اسرائيل سان جاري ڳالهين جي نتيجي ۾ هڪ سيڪيورٽي معاهدو ايندڙ ڏينهن ۾ طئي ٿي سگهي ٿو.
اربع ڏينهن دمشق ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شامي صدر چيو ته هي سيڪيورٽي معاهدو هڪ ”ضرورت“ آهي، شرط اِهو آهي ته شامي هوائي حدن ۽ علائقائي سالميت جو احترام ڪري ۽ اهو سڀ اسلامي قانون موجب ۽ گڏيل قومن جي نگراني ۾ هجي.
الشرع چيو ته جولاءِ ۾ شام ۽ اسرائيل هڪ سيڪيورٽي معاهدي جي بلڪل ويجهاو هئا، پر صوبي سويدا جي ڏاکڻي حصي ٿيل هڪ ڪارروائي ڳالهين جي عمل کي متاثر ڪيو.
واضح رهي ته شام ۽ اسرائيل جي وچ ۾ وقت اهڙي معاهدي تي ڳالهيون جاري آهن جنهن بابت دمشق کي اميد آهي ته ان جي نتيجي ۾ اسرائيلي هوائي حملا بند ٿي ويندا ۽ ڏکڻ شام تائين اڳتي وڌندڙ اسرائيلي فوجون پوئتي هٽي وينديون.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، واشنگٽن طرفان شامي حڪومت تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي ته اها ايندڙ هفتي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي عالمي اڳواڻن جي ملاقات کان اڳ هڪ معاهدو طئي ڪري.
پر الشرع نيويارڪ جي تجويز ڪيل دوري کان اڳ صحافين سان گفتگو ۾ اها ڳالهه رد ڪندي چيو ته آمريڪا شام تي ڪو دٻاءُ ناهي وڌو ، پر اصل ۾ هو ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
ياد رهي ته 8 ڊسمبر کان وٺي (جنهن ڏينهن الشرع قيادت ۾ ٿيل آپريشن اڳوڻي شامي صدر بشارالاسد جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو) اسرائيل شام ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ هوائي حملا ۽ 400 کان وڌيڪ سرحدي ڀڃڪڙيون ڪري چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.