والاريل ڪشمير: آزادي پسند اڳواڻ پروفيسر عبدالغني بٽ لاڏاڻو ڪري ويو، وارثن کي رات پيٽ ۾ تدفين جو حڪم

سرينگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ 90 ورهين جي آزادي پسند اڳواڻ پروفيسر عبدالغني بٽ اربع جي رات سوپور ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
سندس وفات تي والاريل ڪشمير جي وڏي وزير عمر عبدالله، اڳوڻي وزيراعليٰ محبوبه مفتي سميت ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن ڏک جو اظهار ڪيو ۽ سوڳوار خاندان سان تعزيت ڪئي.
پروفيسر بٽ جي وفات جي خبر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندي ئي سوپور ۾ ڀارتي پوليس سندن خاندان کي چيو ته پروفيسر بٽ جي تدفين فوري طور ڪئي وڃي ۽ انتظاميا ان لاءِ رات ساڍي يارهين وڳي جو وقت به ڏنو.
پروفيسر بٽ جي هڪ ويجهي مائٽ جو چوڻ هو ته ” اسان کي چيو ويو ته ڪجهه شرپسند عنصر جنازي ۾ بدمزگي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهن ٿا، تنهنڪري رات جو ئي تدفين ڪئي وڃي ۽ گهڻو وڏو هجوم به گڏ نه ٿيڻ گهرجي.“
خميس تي وادي ۾ قابض ڀارتي پوليس مخالف ڌر اڳواڻ محبوبه مفتي، حريت ڪانفرنس جي اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق ۽ ٻين سياسي اڳواڻن کي نظر بند ڪري ڇڏيو ۽ سوپور ويندڙ سڀئي رستا بند ڪري ڇڏيا.
محبوبه مفتي ايڪس تي رياستي انتظاميا جي ڪِريل عمل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي لکيو ته ”سياسي قيادت کي نظر بند ڪرڻ جو فيصلو ڄمون ۽ ڪشمير جي جارحاڻين ۽ غير جمهوري حقيقتن جو اظهار آهي.“
هن چيو ته ” ويجهڙائي ۾ حضرت بل ۾ ماڻهن جنهن ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، اهو ماڻهن کي ڀت سان لڳائڻ واري پاليسي جو ردعمل هو، پر بي جي پي انهن حقيقتن کان اکيون ٻوٽي رهي آهي ۽ سالن کان عوام جي اندر پيدا ٿيندڙ غم ۽ ڪاوڙ مان ڪجهه به سکڻ لاءِ تيار ناهي.“

پروفيسر بٽ ڪير هو؟
پروفيسر عبدالغني بٽ 1935ع ۾ اتر ڪشمير جي سوپور شهر جي بٽينگو ڳوٺ ۾ هڪ زميندار گهراڻي ۾ ڄائو. سوپور ڊگري ڪاليج مان گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ ڀارت جي علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي مان فارسي ۾ ماسٽر جي ڊگري حاصل ڪئي، پر هو اردو ۽ انگريزي ادب جو به پارکو هو، بعد ۾ هو ڪشمير ۾ اعليٰ تعليم جي کاتي ۾ فارسي جي پروفيسر طور مقرر ٿيو.

پروفيسر بٽ جي هڪ شاگرد ۽ ليکڪ ڊاڪٽر غلام قادر موجب، اتر ڪشمير جي باره مولا، بانڊي پورا ۽ ڪپواڙا کي ڪمر از چون ٿا۔ پروفيسر صاحب کي هتي دانشور ڪمر از چيو ويندو آهي، شعر ۽ ادب، فلسفي ۽ تاريخ ۾ دلچسپي رکڻ سان گڏ هو ڪشمير جي سياسي حالتن بابت پڻ حساس هو، صاف گوئي سبب 1986ع ۾ تڏوهڪي گورنر جگموهن کيس نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو، هو ان وقت سوپور ڊگري ڪاليج ۾ فارسي جا پروفيسر هو.
ياد رهي 1986ع ۾ ڀارت ۾ بي جي پي بابري مسجد ڊاهي پٽ ڪرڻ لاءِ پيادل مارچ شروع ڪيو هو ۽ مسجد جي احاطي ۾ رام مندر جي پيڙهه جو پٿر رکيو هو.
ان واقعي تي ڪشمير ۾ شاگردن احتجاجي مظاهرا ڪيا، پروفيسر بٽ ڪيترن جلسن ۾ تقريرون ڪيون ۽ بي جي پي جي اهڙي عمل جي مذمت ڪئي.
ان وقت جي گورنر جگموهن پروفيسر بٽ، پروفيسر محمد اشرف صراف ۽ پروفيسر غلام رسول بچه کي نوڪري مان برطرف ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.