نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي دفاعي معاهدي تي ڀارت جو ردعمل سامهون آيو آهي.
ڀارتي پرڏيهي کاتي جي ترجمان رنڌير جئسوال سوشلا ميڊيا سائيٽ ايڪس تي جاريڪيل بيان ۾ ڀڀڪيون هڻندي چيو ته مودي سرڪار کي سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ان اڳڀرائي بابت ڄاڻ هئي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي معاهدي تي صحيحن جون رپورٽون ڏٺيون آهن.
رنڌير جئسوال چيو ته حڪومت پنهنجي قومي سلامتي سان گڏوگڏ خطي ۽ عالمي استحڪام تي ان معاهدي جي اثرن جو جائزو وٺندي ۽ ڀارت پنهنجي قومي سلامتي ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ’اسٽريٽجڪ گڏيل دفاعي معاهدي‘ (ايس ايم ڊِي اَي) تي صحيحون ڪيون هيون.
ان معاهدي جي شقن تحت هڪ ملڪ خلاف اڳرائي ٻنهي خلاف حملو تصور ڪئي ويندي، معاهدو ٻنهي جي سلامتي ۽ دنيا ۾ امن لاءِ گڏيل عزم کي اجاگر ڪري ٿو.
You might also like