بلڙي شاھ ڪريم/ٺٽو/جهوڪ شريف (رپورٽ: الطاف حسين رند+منصور جلالاڻي+حاجي خان جلالاڻي)سنڌ اندر بدامني، ڪرپشن، لاقانونيت، ڀوتارڪي نظام، سنڌ جي مسڪين عوام سان ظلم نا انصافي خلاف جي يو آءِ سنڌ جو صوبائي اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو جي اڳواڻي ۾ ڪشمور ڪنڌڪوٽ کان سوين گاڏين ۽ ھزارين ماڻھن سان نڪتل سنڌ امن مارچ بلڙي شاھ ڪريم پھتو، جتي بلڙي شاھ ڪريم جي يو آءِ اڳواڻ مولانا عبدالرحمٰن سومرو ۽ حافظ يامين سومرو سميت سوين ڪارڪنن پاران مين چوڪ تي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو،ان موقعي تي مولانا راشد محمود سومرو وڏي عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته ھي سنڌ امن مارچ ڪچي ۽ پڪي جي ڌاڙيلن جي خلاف نڪتو آھي سنڌ اندر ڌاڙيل ڪلچر بدامني ڪرپشن لاقانونيت عروج تي آھي جنھن جو ذميوار ھتان جي حڪمرانن کي سمجھون ٿا ھن چيو ته سڀاڻي (اڄ)مون سان گڏ جميعت جا ھزارين ڪارڪن مولانا فضل الرحمن جا سپاھي ۽ جانثار ڪراچي پھچندا جتي سرڪار کان امن امان بھتر بنائڻ ڪرپشن جو خاتمو آڻي نظام کي سڌي دڳ تي ھلائڻ جي گھر ڪنداسين ۽ موجوده سرڪار کي ٻڌائينداسين ته سائين سنڌ ڌرتي جو عوام اوھان جي ڪرپٽ ۽ کوکلي نظام مان بيزار ٿي ويو آھي،هن چيو ته سنڌ مان بدامني کي ٻنجو ڏيو مطالبن تي عمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ جميعت علماءِ اسلام پاران وزيراعلي سنڌ کان استعيفا جو مطالبو ڪيو ويندوجڏھن ته مولانا راشد محمود سومرو جو بلڙي شاھ ڪريم پھچڻ کان پھرين ھتان جي نامور عالم دين بزرگ حضرت مولانا حبيب الرحمن سومرو وٽ به پهتو ،هوڏانهن جي يو آءِ جو ڪنڌڪوٽ کان ڪراچي لاءِ نڪتل امن مارچ سنڌ جي تاريخي شھر ٺٽي پھچي ويو ڪارڪنن پاران شاندار استقبال ڪيو ويو. ان موقعي تي مولانا راشد محمود سومرو صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ جي لکين ماڻھن امن مارچ ۾ شرڪت ڪري اھو ثبوت ڏنو آھي ته موجودہ حڪومت نالائق آھن، عوام حڪمرانن مان بيزار آھي. صورتحال اھا آھي ته بک، بدحالي، بيروزگاري، ٻيٽن، وسيلن، ٻيٽن جي سودي کانپوءِ سڄي سنڌ جي ڪچي ۽ پڪي جي ڌاڙيلن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو ويو آھي. ھن چيو ته ھڪ طرف ڪچي جا ڌاڙيل عوام جو رت چوسي رھيا آھن ته ٻئي طرف پڪي جا ڌاڙيل ڪرپشن ڪري عوام جو رت چوسي رھيا آھن. عوام انقلاب چاھي ٿو، حڪمرانن کان بنيادي حق چاھي ٿو، حڪمرانن کي ڏيڻا پوندا، ڪٿي ايئن نه ٿئي جو سنڌ ۾ نيپال، سريلنڪا ۽ بنگلاديش جھڙي صورتحال پيدا ٿي وڃي. ان کان پھرين عوام حڪمرانن کي ڳچي مان جھلي گھلي لاھين ان کان اڳ حڪمرانن کي عوام ڏانھن ڌيان ڏيڻ گھرجي. ھي پيغام کڻي لکين عوام جو ھجوم سان وزيراعليٰ ھائوس وڃي رھيا آھيون. هن چيو ته جيستائين حڪومت عوام کي امن ۽ روزگار مھيا نه ڪندي تيستائين اھڙا احتجاجي مارچ جاري رھندا. ان موقعي تي مولانا عبدالقيوم ھاليجوي، مولانا عبدالوھاب بلوچ ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا. هوڏانهن جي يو آء جو سنڌ امن مارچ قافلو جهوڪ شريف پھچي ويو، جتي جي يو آء اڳواڻ مولانا قاري عبدالعزيز،مولوي سائينڏنو،مولوي رمضان جتوئي سميت سوين ڪارڪنن پاران جهوڪ شريف شھر ۾ سندس شاندار استقبال ڪيو ويو، مولانا راشد محمود سومرو گڏ ٿيل عوام کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ڌاريل راڄ خلاف نڪتو آھيان ھي امن مارچ صرف امن خاطر آهي عوام جي جان مال جي حفاظت خاطر آهي ڌاڙيل سسٽم کي ختم ڪري غريب مسڪين عوام کي سڪون واري زندگي گهارڻ ڏني وڃي امن مارچ کي سنڌ جي عوام ڀرپور موٽ ڏئي رھيو آهي جڏھن ته امن مارچ قافلو جهوڪ شريف کان ٿي پنھنجي منزل طرف روان دوان ٿي ميرپور بٺورو روانو ٿي ويو