لاهور/ڪراچي(عوامي آواز نيوز)پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سنڌين جي تذليل ڪرڻ تي پي ٽي وي تان برطرف ٿيل صحافي رضي دادا سان ايڪتا جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پنجاب جي عوام هميشه قربانيون ڏنيون آهن پر ڪڏهن نفرت يا انتشار جو سبب نه بڻيا،رضي دادا جيڪڏهن غيرمناسب جملو چيو به هو ته کليل دل سان معافي گهري اعليٰ ظرفي جو ثبوت ڏنو،رضي دادا جي معافي گهرڻ کانپوءِ به کيس نشانو بڻائڻ تعصب جي زمري ۾ اچي ٿو،هن چيو ته جيڪي ماڻهو صوبائي تعصب کي هوا ڏين ٿا،نفرت جوڳا بيانيو پکيڙين ٿا انهن کان ڪو به سوال نٿو ڪري،جنهن تي پ پ جي سينيٽر عيني مري ٽوئيٽ ڪيو ته مسلم ليگ (ن) کلي عام اهڙو اعلان ڪيو آهي ته سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جو عوام انهن جي نظر ۾ ڪجهه به ناهي، پارٽي هڪ اهڙي شخص جي حمايت ڪئي آهي جنهن جا وي لاگ نسل پرستي ۽ توهين آميز زبان سان ڀرپور آهن، هن چيو ته هڪ ڳالهه واضح آهي ته رضي دادا نسلي امتياز وارن ريمارڪس تي معافي ورتي آهي ڇو ته هو انهن تي پڪڙيو ويو،سندس ٽوئيٽ کي صدر آصف علي زرداري جي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري به ري ٽوئيٽ ڪري مڃتا ڏني،هن لکيو ته 2025ع ۾ اسان نسلي انتهاپسندي برداشت نه ڪنداسين،سينئر صحافي انيق ناجي لکيو ته هاڻي ڀٽو خاندان جي ڌيءُ چئي رهي آهي ته اسان نسلي بنياد تي توهين برداشت نه ڪنداسين،سرحدن جي رکوالن کي عرض آهي ته هڪ نظر هيڏانهن به ڏسو،جڏهن ته رضي دادا ٽوئيٽ ڪيو ته يوٽيوب جي انتظاميا طرفان اطلاع ڏنو ويو آهي ته پاڪستان اندر فائر وال ذريعي ناظرين جي رسائي محدود ڪئي وئي آهي. سينيٽ جي لاڳاپيل ڪميٽي هن حوالي سان اڃا تائين ڪوبه تحريري فيصلو جاري ناهي ڪيو، جنهن سبب چينل جي مالڪن کي قانوني رستو اختيار ڪرڻ ۾ مشڪلات پيش اچي رهي آهي،جليلا حيدر ٽوئيٽ ڪيو ته رضي دادا جي معافي قبول نه ڪرڻ گهرجي جيڪو سرڪاري ٽي وي تي ويهي بدبودار نسل پرستي کي هٿي ڏئي پهرين کان تقسيم ٿيل رياست کي وڌيڪ ورهائي رهيا آهن،صحافي اعزاز سيد چيو ته رضي دادا سنڌي ڀائرن جي باري ۾ نامناسب لفظ چيا،هن جي معافي قبول نه ڪئي وئي،پي ٽي وي تان نوڪري مان ڪڍيو ويو،پارليامينٽ ڪميٽي ۾ به سندس تذليل ڪئي وئي،سندس يوٽيوب چئنل بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو،هاڻي بس ڪريو،کيس ڦاهي ڏيندو ڇا؟شازيه نظاماڻي لکيو ته رضي دادا پنهنجي وي لاگس ۾ پاڪستان ۾ وسندڙ باقي ٽن قومن کي لساني ۽ نسلي حقارت جو نشانو بڻائيندو رهيو،پنجاب جي اطلاعات واري وزير مريم اورنگزيب چيو ته رضي دادا ميڊيا جو هڪ طاقتور ۽ توانا آواز آهي،سينئر صحافي امتياز گل لکيو ته معافي گهرڻ سان اندر جو گند ۽ بدبو ته ختم ناهي ٿيندي،