اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)اي آر واءِ نيوز جي آف ايئر ڪيل اينڪر ڪاشف عباسي ٽوئيٽر تي لکيو آهي ته منهنجي زال(اينڪر مهر بخاري) اڄ پنهنجي اڪائونٽ هلائڻ لاءِ بينڪ وئي، جتي کيس ٻڌايو ويو ته اهو ايف آءِ اي جي حڪم موجب فريز ڪيو ويو آهي. منهنجو نالو ڪيترن مهينن کان بلاڪ/نو فلاءِ لسٽ ۾ آهي. هي بلڪل بيوقوفي آهي. ڇا اسان هن ملڪ ۾ پنهنجا شھري حق وڃائي ويٺا آهيون؟اڳوڻي بيوروڪريٽ احمد نواز سکيرا لکيو ته توهان جي پروگرام جا باقاعده ڏسندڙ هجڻ جي ناتي، مان هميشه اوهان جو پرستار ۽ نيڪ خواه رهندس۔ اميد آهي ته جلد ئي بهتر فهم آڻڻ وارو فيصلو ٿيندو… انهيءَ وقت تائين مضبوط رهو ۽ همٿ نه هاريو! دعاون ۽ بهترين خواهشون ٻنهي جي لاءِ۔اينڪر شهزاد اقبال لکيو ته اهو انتهائي خراب آهي.. بلڪل بي معني فيصلو آهي،اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري لکيو ته ڪاشف عباسي پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ معزز صحافين مان هڪ آهي، مان اختيارين کي اپيل ڪريان ٿو ته هو پنهنجو رويو نظرثاني ڪن. اهو قدم پاڪستاني صحافت کي نقصان پهچائي رهيو آهي ۽ سندن پنهنجي مقصد لاءِ به مددگار ثابت نه پيو ٿئي،سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير لکيو ته اها فاشزم آهي۔ ڄڻ ته ڪاشف کي مين اسٽريم ٽي وي تان هٽائڻ ئي ڪافي نه هجي. آخر ڪاشف جي زال اهڙي سلوڪ جي حقدار ڪيئن بڻجي وئي؟ افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسان جي اعليٰ عدليه به ڪو انصاف ڏيڻ لاءِ موجود ناهي،صحافي مطيع الله جان لکيو ته هي رياستي ادارن جو شرمناڪ رويو آهي، جتي شهرين کي قانوني طريقيڪار کانسواءِ سندن بنيادي حقن کان محروم ڪيو وڃي ٿو۔ جڏهن عدليه حڪومت جي هٿ ۾ اوزار بڻجي وڃي ٿي ته انساني ۽ بنيادي حقن کي اهڙيءَ ريت لتاڙيو وڃي ٿو۔ مان ان جي سخت مذمت ڪريان ٿو،پي ٽي آءِ اڳواڻ زرتاج گل وزير لکيو ته تمام ڏک جهڙي ڳالهه آهي ته ملڪ جا اهڙا پڙهيل لکيل ماڻهو، جن ملڪ جو نالو روشن ڪيو، کين سچ ڳالهائڻ جي سزا ڏني پئي وڃي۔