ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون: ڄام خان شورو

حيدرآباد(رپورٽر) آبپاشي کاتي جي وزير ڄام خان شورو پاران ڪوٽڙي بئراج جو دورو، ٻوڏ واري صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو ڪوٽڙي بئراج جو دورو ڪيو جتي هن ٻوڏ جي موجوده صورتحال جو معائنو ڪيو، سيڪريٽري آبپاشي ظريف اقبال کيڙو، چيف انجنيئر ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر به موجود هئا. چيف انجنيئر ڪوٽڙي بئراج تي امڪاني ٻوڏ جي حالتن بابت صوبائي وزير کي تفصيلي بريفنگ ڏني ته 19 ۽ 20 سيپٽمبر دوران ڪوٽڙي بئراج تي 4 کان ساڍا 4 لک ڪيوسيڪ پاڻي پهچڻ جو امڪان آهي، ڄام خان شورو چيو ته ڪوٽڙي بئراج تي موجوده وقت ۾ وچولي درجي جي ٻوڏ آهي پر ڪو به خطرو نه آهي، سمورا ادارا الرٽ آهن،  LiDAR ٽيڪنالاجي مدد سان زمين جي پروفائلنگ ۽ ڪمپريشن جو درست ۽ جديد ڊيٽا حاصل ٿيندو، سنڌ حڪومت ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.