ايران ” موساد لاءِ جاسوسي“ ڪندڙ بابِڪ شهبازيءَ کي ڦاهي ڏئي ڇڏي

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران ۾ ٻه سال اڳ اسرائيل لاءِ جاسوسي ڪرڻ‘جي الزام هيٺ گرفتار ٿيل بابڪ شهبازي کي ڦاسي ڏئي ڏني وئي آهي.
ايراني عدليا بابڪ شهبازي جي موت واري سزا تي عملدرآمد جي تصديق ڪندي چيو ته کيس اربع 16 سيپٽمبر جي صبح ڦاسي ڏني وئي آهي.
شهبازي جي پٽ اڱاري رات اعلان ڪيو ته سندس پيءُ کي جيل جي عام سيل مان ڪڍي ”اڪيلائي واري سيل“ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.
هن خدشو ظاهر ڪيو هو ته سندس والد جي ڦاسي جي تياريون ٿي رهيون آهن ۽ اڪيلائي واري سيل ۾ رکڻ ان ڳالهه جي علامت آهي.
شهبازي جي گهرڀاتين جي ويجهن ذريعن ان کان اڳ ٻڌايو هو ته ”هن رڳو سوشل ميڊيا ذريعي يوڪرين جي صدر کي پيغام موڪليا هئا.“ جڏهن ته خاندان جي هڪٻئي ويجهي ذريعي چيو هو ته ”شهبازي جاسوسي جي الزامن جي ترديد ڪندي اهڙن الزامن کي بي بنياد قرار ڏنو هو.“
واضح رهي ته بابڪ شهبازي جي گهرڀاتين سندس سزا خلاف ايراني سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي هئي، پر جولاءِ 2025 ۾ سپريم ڪورٽ سندس موت جي سزا برقرار رکڻ جو فيصلو ڏنو.
سماجي ڪارڪن، سياسي قيدي ۽ شهبازي جي ويجهو ساٿي مهدي محموديان ان سزا کي “افسوسناڪ ۽ انتهائي تڪليف ڏيندڙ“ قرار ڏنو آهي.
ياد رهي ته اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ 12 ڏينهن واري جنگ کانپوءِ، ايران ۾ ڪيئي شهرين کي جاسوسيءَ جي ڏوهه ۾ ڦاسي ڏني وئي آهي.
پرڏيهي خابرون اداري جي رپورٽن موجب، شهبازي، اسماعيل فڪري سان گڏ ڪم ڪيو هو، جنهن کي جون ۾ اسرائيل لاءِ جاسوسي ڪرڻ جي الزام هيٺ ڦاسي ڏني وئي هئي.
شهبازي تي الزام هو ته هو ڪولنگ ڊوائيسز لڳائڻ واري ٺيڪيدار جي حيثيت سان پنهنجي پوزيشن جو استعمال ڪري حساس هنڌن جهڙوڪ سرور رومز ۽ فوجي ۽ سيڪيورٽي ادارن سان لاڳاپيل مرڪزن مان اسرائيل لاءِ ڄاڻ گڏ ڪندو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.