دبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم اڄ گڏيل عرب امارتن( يو اَي اِي) خلاف ايشيا ڪپ جي ميچ کيڏڻ لاءِ پراميد آهي.
پاڪستان ٽيم ذريعن جو چوڻ آهي ته اڄ يو اي اي سان ٿيندڙ ميچ لاءِ تياريون مڪمل آهن ۽ ميچ شيڊيول موجب ٿيندي..
ٽيم ذريعن موجب، پاڪستاني ٽيم اينڊي پاءِ ڪرافٽ کانسواءِ ميچ کيڏندي، اينڊي پاءِ ڪرافٽ ريفري طور قبول ناهي.
ٻئي طرف پي سي بي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارتن جي ميچ ۾ رچي رچرڊسن جي مقرري جو امڪان آهي.
واضح رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ايشيا ڪپ ميچن مان ميچ ريفري اينڊي پائيڪرافٽ کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو هو ۽ پي سي بي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاءِ ڪرافٽ کي نه هٽائڻ جي صورت ۾ پاڪستان باقي ميچ نه کيڏڻ واري موقف تي قائم آهي.
You might also like