ڀارتين هٿ نه ملائي ڪهڙو تير هنيو؟ ڀگونت مان پنهنجي ئي ٽيم ۽ حڪومت تي ڏمرجي پيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي پنجاب جي وڏي وزير ڀگونت مان پاڪستان ٽيم سان هٿ نه ملائڻ تي ڀارتي رانديگرن تي تنقيد ڪئي آهي.
پنهنجي بيان ۾ ڀگونت مان چيو ته ڀارتي ٽيم پاڪستاني رانديگرن سان هٿ نه ملائي ڪهڙو تير هنيو؟ اهو ڪهڙو ٻٽو معيار آهي ته پاڪستاني اداڪارن جي فلم رليز ناهي ڪرڻي پر ميچ کيڏڻي آهي ۽ هٿ ناهي ملائڻو، باقي سکن کي ڪرتارپور وڃڻ جي اجازت ناهي.
هن چيو ته ڀارتي حڪومت سڀ ڪجهه پنهنجي فائدي ۽ پيسو ڪمائڻ لاءِ ڪري رهي آهي، مرڪزي حڪومت کي مذهبي آزادي ۾ رنڊڪ وجهڻ جو ڪو حق ناهي، پاڪ – ڀارت ميچ ٿي سگهي ٿي ته سک ياترين کي پاڪستان وڃڻ کان پيو روڪيو وڃي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.