راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جو ايڪس اڪائونٽ ڪير استعمال ڪري رهيو آهي؟ ايف آءِ اي جي ٽيم اهو معلوم ڪرڻ لاءِ اڊيالا جيل پهتي پر عمران خان ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
عمران خان جي اڪائونٽ تان رياست مخالف مواد پوسٽ ٿيڻ جي معاملي تي ايف آءِ اي سائبر ڪرائم جاچ شروع ڪري ڇڏي.
ايف آءِ اي سائبر ڪرائم جي ٽي رڪني ٽيم اڊيالا جيل پهتي ۽ عمران خان سان ملاقات ڪري ان حوالي سان پڇا ڪئي، سائبر ڪرائم ٽيم جي قيادت اياز خان ڪئي.
ذريعن موجب ٽيم سوال ڪيا ته توهان جو ايڪس اڪائونٽ ڪير استعمال ڪري رهيو آهي؟ ڪٿان استعمال ٿي رهيو آهي؟ توهان پنهنجي اڪائونٽ تائين ڪنهن کي پهچ ڏني آهي؟ اڪائونٽ تان جيڪي شيون پوسٽ ٿينديون آهن ڇا توهان کي علم آهي ته اهي رياست مخالف هونديون آهن؟
ذريعن موجب عمران خان ايف آءِ اي کي ان حوالي سان ڪجهه به ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني ايف آءِ اي ٽيم کان لکت سوال نامو گهري ورتو ۽ جواب وڪيلن جي موجودگي ۾ ڏيڻ تي اصرار ڪيو.
ذريعن موجب سائبر ڪرائم ٽيم هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت تائين جيل ۾ موجود رهي.
عمران خان جو ايف آءِ اي ٽيم کي پنهنجي ايڪس اڪائونٽ جي هينڊلر جو نالو ٻڌائڻ کان انڪار
You might also like