پي ٽي آءِ سدائين ڪالعدم ٽي ٽي پي کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي: قانون وارو مملڪتي وزير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قانون ۽ انصاف بابت مملڪتي وزير بيرسٽر عقيل ملڪ چيو آهي ته تحريڪ انصاف سدائين ڪالعدم ٽي ٽي پي کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
صحافين سان ڳالهائيندي بيرسٽر عقيل ملڪ چيو ته علي امين گنڊاپور پهريون ڀيرو پي ٽي آءِ جي اندروني حالتن تي کليل نموني ڳالهايو، هن چيو ته پارٽي ۾ غلط فيصلا ٿي رهيا آهن.
هن چيو ته خيبر پختونخواهه ۾ گورننس جو ايشو آهي، ڪي پي حڪومت کي دهشتگردن خلاف آپريشن جي حمايت ڪرڻ گهرجي پر انهن سدائين صوبي ۾ دهشتگردي خلاف آپريشنز جي مخالفت ڪئي، اتان جو عوام به هاڻ صوبائي حڪومت تي سوال اٿاري رهيو آهي، علي امين گنڊاپور سدائين دهشتگردن سان ڳالهين جي وڪالت ڪندو رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ سدائين ڪالعدم ٽي ٽي پي کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو ڪم غلط هوندو، ان کي روڪيو ويندو، ڪي پي ۾ دهشتگردي جا واقعا ٿي رهيا آهن، گنڊاپور ۽ ان جي پاليسين سبب پاڪستان حڪومت جي قدمن کي ڊي ريل ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.