اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ رٽائرڊ ججن جي بيواهن کي تاحيات سيڪيورٽي ڏيڻ جو حڪم واپس وٺي ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ طرفان وضاحتي بيان ۾ چيو ويو ته رٽائرد ججن کي تاحيات سيڪيورٽي جو حق 2018 جي صدارتي آرڊر نمبر 7 ۾ ڏنو ويو آهي.
پر آرڊر نمبر 7 رٽائرڊ ججن جي بيواهن کي تاحيات سيڪيورٽي جي سهولت فراهم نٿو ڪري، تنهن ڪري رٽائرڊ ججن جي بيواهن کي تاحيات سيڪيورٽي جي حد تائين آرڊر واپس ورتو پيو وڃي.
You might also like