سنڌ ۽ وفاق ۾ 300 ڏينهن واري ڪلائميٽ ايڪشن پلان تي اتفاق

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ مون سون کان اڳ 300 ڏينهن وارو ڪلائميٽ ايڪشن پلان شروع ڪرڻ، سکر بئراج جي گنجائش وڌائڻ، سنڌو درياءَ  جي ڪمزور بندن کي مضبوط ڪرڻ ۽ پراڻن قدرتي رستن کي بحال ڪرڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي ته جيئن دريائي ۽ برساتي ٻوڏن دوران قيمتي جاني ۽ مال متاع جي نقصان کان بچي سگهجي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ مون سون سيزن جيڪو معمول موجب 15 ڏينهن اڳ شروع ٿيڻ جو امڪان آهي، کي نظر ۾ رکندي 300 ڏينهن وارو ڪلائميٽ ايڪشن پلان تيار ڪيو ويندو۔ ان منصوبي تحت سڀئي صوبائي حڪومتون پنهنجون تجويزون ۽ ضروري منصوبا پيش ڪنديون، ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته وفاقي حڪومت صوبن کي ڪاربان ڪريڊٽ مارڪيٽ کولڻ ۾ مڪمل سهڪار فراهم ڪندي۔ وڏي وزير ٻڌايو ته سنڌ اڳ ئي ڪاربان ڪريڊٽ مارڪيٽنگ شروع ڪري چڪو آهي ۽ ان کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ جي ضرورت آهي۔ هن چيو ته هن سال دريائي طغياني سبب حالتون وڌيڪ ڏکيون ٿي ويون آهن۔ سکر بئراج جي صورتحال بيان ڪندي وڏي وزير چيو ته بئراج جي اصل ڊيزائن گنجائش 15 لک ڪيوسڪ هئي پر هائيڊرولڪ مسئلن ۽ 10 دروازن جي بند ٿيڻ ڪري اها گنجائش گهٽجي 9 لک 60 هزار ڪيوسڪ رهجي وئي آهي۔ هن زور ڀريو اسان کي سکر بئراج جي گنجائش وڌائڻي پوندي۔ وڏي وزير درياءُ جي ڪجهه بندن جي ڪمزور حالت تي پڻ ڳڻتي ظاهر ڪئي۔ وڏي وزير ٻڌايو ته منڇر ڍنڍ جو پاڻي بنيادي طور اَڙل واهه ۽ دانستر واهه ذريعي درياءِ سنڌ ۾ ڇڏيو ويندو آهي۔ هن چيو اسان ٻنهي واهن کي بهتر ۽ رِي ماڊل ڪيو آهي، پر اڃا به ڪجهه وڌيڪ قدمن جي ضرورت آهي۔ کاٻي ڪناري تي شهيد بينظير آباد، سانگهڙ، ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ضلعن ۾ برساتن جو پاڻي به قدرتي نيڪاسي جو تقاضو ڪري ٿو۔ تاريخي طور هاڪڙو ندي اهو پاڻي کڻي ويندو هو پر ليفٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين (LBOD) جي تعمير کان پوءِ اهي قدرتي رستا بند ٿي ويا جنهن جي ڪري برساتن دوران وڏي پيماني تي تباهي ٿي۔ هن وفاقي حڪومت کان سکر بئراج جي گنجائش وڌائڻ لاءِ سهڪار جي اپيل ڪئي۔ وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ وڏي وزير کي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي مدد لازمي آهي، اجلاس جي آخر ۾ وڏي وزير ۽ وفاقي وزير، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه جي سربراهي ۾ هڪ ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن 300 ڏينهن وارو ڪلائميٽ ايڪشن پلان ٻن هفتن ۾ تيار ڪري سگهجي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.