پنجاب جا ٻوڏ متاثر بي يارو مددگار آھن:اياز لطيف پليجو

حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ پاڪستان جي مظلوم ۽ پورھيت طبقي جا مسئلا ھڪجھڙا آھن. پنجاب جا ٻوڏ متاثر بي يارو مددگار آھن. سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي واھر جي نالي ۾ وڏي ڪرپشن ڪري لکين خاندانن کي حالتن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو ويندو آھي،هن چيو تہ حڪمران متاثرن جي مدد ۽ بحالي بدران سکڻيون دعوائون ڪن ٿا. حڪومت کي پاڻي بابت خبر ھئي، حفاظت سان منتقلي بدران ماڻھن کي مرڻ ۽ ٻڏڻ لاء ڇڏيو ويو. سنڌ ۾ ڪچي ۾ رھندڙ ماڻھن جي حفاظت ۽ عزت سان پڪي طرف منتقل ڪيو وڃي. ماڻھن جي صحت ۽ خوراڪ جو بندوبست ڪيو وڃي. چوپائي مال جو چارو ڏنو وڃي،هن چيو ته سنڌ درياھ، ڪئنالن ۽ واھن جا بند ڪمزور آھن. بندن جي پچنگ ۽ مرمت جي نالي ۾ اربين روپيا خرچ ڪيا ويا پر ٿورو پاڻي اچڻ سان واھن ۽ شاخن کي گھارا پئجي وڃن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.