سي پيڪ پاڪ-چين دوستي جو عملي ثبوت آهي: بلاول ڀٽو زرداري

شنگھائي/اسلام آباد (م ڊ/بيورو) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سي پيڪ پاڪ-چين دوستي جو عملي ثبوت ۽ علائقائي ترقي ۽ خوشحالي جو وڏو منصوبو آهي. بيان ۾ هن جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي دنيا ۾ بي مثال آهي، ٻنهي ملڪن هر مشڪل ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. بلاول موجب، چين سان لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي بنيادي ڪنجي آهي، سي پيڪ ٻنهي ملڪن جي دوستي کي نئون روپ ڏنو آهي، ۽ اها ميراث ايندڙ نسلن تائين منتقل ڪرڻي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پرڏيهي وزير طور چين سان لاڳاپن جي بهتري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا مضبوط بنيادن تي بيٺل آهن ۽ هر علائقائي ۽ عالمي فورم تي هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. ٻئي طرف بلاول ڀٽو زرداري شنگھائي ۾ چين جي 120 سالا قديم فودان يونيورسٽي جو دورو ڪيو، جتي هن يونيورسٽي جي نائب صدر ڊاڪٽر چن زھيمين سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ عالمي لاڳاپن سميت ٻين اهم معاملن تي ڳالهايو ويو. بلاول ڀٽو زرداري يونيورسٽي جي شاگردن سان به مليو ۽ پاڪ-چين دوستي: ماضي، حال ۽ مستقبل جي موضوع تي خطاب ڪيو. خطاب کان اڳ انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل اسٽڊيز جي اسسٽنٽ ڊين پروفيسر سن ڊي گانگ کيس ڀليڪار ڪيو. بلاول شاگردن جي سوالن جا تفصيلي جواب به ڏنا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.