آءِ ايم ايف جو نئون قرض پراڻي پروگرام جي ڪاميابي سان مشروط

اسلام آباد(م ڊ) بين الاقوامي مالياتي فنڊپاڪستان لاءِ اهم پيغام ڏنو آهي ته پاڪستان کي نئون قرض تڏهن ئي ملندو، جڏهن پراڻو پروگرام مڪمل طور تي ڪاميابي سان لاڳو ٿيندو. آءِ ايم ايف طرفان واضح ڪيو ويو آهي ته پاڪستان کي پراڻي معاهدي تي مڪمل عملدرآمد ڏيکارڻو پوندو. برطانوي خابرو ايجنسي سان ڳالهائيندي آءِ ايم ايف جي نمائندي جوليا ڪوزيڪ چيو ته اسان ڏسي رهيا آهيون ته ڇا پاڪستان جي ايندڙ بجيٽ ٻوڏ ۽ موسمياتي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي؟ هن چيو ته آءِ ايم ايف مشن خاص طور تي پاڪستاني بجيٽ ۾ موسمياتي تبديلين  کي منهن ڏيڻ جي تياري تي ڌيان ڏنل آهي ۽ نئون قرض پراڻي پروگرام جي ڪارڪردگيءَ سان مشروط آهي. جوليا ڪوزيڪ موجب، پاڪستان کي پائيدار ۽ حقيقت پسنداڻي بجيٽ پيش ڪرڻي پوندي. سڌارن ۽ مالي نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. ٻوڏ ۽ موسمي خطرن کي بجٽ پاليسين جو حصو بڻائڻو پوندو. ٻئي طرف، پاڪستان جي ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته اسان اڳ ۾ ئي آءِ ايم ايف پروگرام ۾ شامل آهيون ۽ آءِ ايم ايف ٻوڏ سبب پيدا ٿيل سنگين صورتحال کي سمجهي چڪو آهي. هن وڌيڪ چيو ته فنڊز اچڻ کان اڳ اسان پنهنجا وسيلا استعمال ڪري رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.