نيويارڪ/لاهور(شهباز گل+مزمل سهروردي)دفاعي تجزئي نگار امتياز گل موجب اڊيالا روڊ راولپنڊي ـ ڊفينس ايريا ۾ هڪ خاص رهائشي علائقو ٺاهيو پيو وڃي،هڪ خاص ڪالوني، جتي صرف اُتي جي معيار موجب “ٽو اسٽار ۽ مٿان” وارا جنرلز رهي سگھندا. ترجيح ٿري اسٽار ۽ مٿان کي ڏني ويندي. جيڪڏهن ڪا جاءِ باقي رهي ته پوءِ ٽو اسٽارز کي به ڏني ويندي. پر ٽو اسٽار کان هيٺ واري ڪنهن کي نه وٺڻ، نه رهڻ، نه گهر ٺاهڻ جي اجازت هوندي. مطلب ته برگيڊيئر ۽ ون اسٽار آفيسرن کي هتي گهر ٺاهڻ جي اجازت نه هوندي (سواءِ ڪن مخصوص ڪيسن جي جتي اعليٰ اختيارين جي خاص منظوري هجي)هيءَ خبر دلچسپ انهيءَ سبب به آهي جو جيڪو پس منظر ظاهر ڪيو ويو اهو سڪيورٽي سبب آهي. دعويٰ آهي ته حفاظتي ضرورتن سبب هڪ الڳ ۽ خاص علائقو ٺاهيو پيو وڃي جتي صرف مٿين رينڪ وارا رهندا.جڏهن ته ڪاموراشاهي وانگر فوج ۾ به مٿين ۽ هيٺين سطح تي هائوسنگ سوسائٽيون ٺاهڻ جو رواج آهي،فوج ۾ جنرلز ڪالوني جي خيال تي وڏي عرصي کان عمل ٿي رهيو آهي،