شنگهائي اليڪٽرڪ بابت مسئلا دوستاڻن جذبن سان حل ڪيا ويندا:آصف علي زرداري

شنگهائي/اسلام آباد (م ڊ/بيورو) صدر آصف علي زرداري چين جي دوري دوران شنگھائي اليڪٽرڪ کي پاڪستان جي ٽرانسميشن ۽ ڊسٽريبيوشن نظام ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني، گڏوگڏ يقين ڏياريو ته جيڪڏهن ڪو به التوا هيٺ مسئلو ٿيو ته ان کي دوستاڻن ۽ سهڪار وارن جذبن سان حل ڪيو ويندو. صدر زرداري شنگھائي اليڪٽرڪ جي چيئرمين وو لي سان ملاقات ڪئي ۽ ڪمپني جي سهولتن جو دورو به ڪيو. ان موقعي تي خاتون اول آصفا ڀٽو زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به ساڻس گڏ موجود هئا. دوري تي سينيٽر سليم مانڊوي والا، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ سيد ناصر شاهه به ساڻن گڏ آهن. شنگھائي اليڪٽرڪ جي نمائندن صدر کي ٿر ڪوئلي، ايٽمي توانائي ۽ ڪوئلي تي هلندڙ پاور پلانٽس بابت بريفنگ ڏني. صدر زرداري ڪمپني جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته شنگھائي اليڪٽرڪ نه رڳو توانائي ضرورتون پوريون ڪيون آهن پر روزگار ۽ سماجي-معاشي ترقي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. صدر وڌيڪ چيو ته پاڪستاني حڪومت چيني ورڪرن جي سيڪيورٽي لاءِ وڌيڪ مضبوط حفاظتي اپاءَ وٺندي. ان موقعي تي شنگھائي اليڪٽرڪ جي سي اي او پاڪستاني انتظامن تي ٿورا مڃيا. پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو ته شنگھائي اليڪٽرڪ 1902ع ۾ قائم ٿي ۽ توانائي شعبي ۾ عالمي حيثيت رکي ٿي. دوري دوران ٿر ۾ ڪوئلو گئسيفڪيشن پلانٽ جي قيام لاءِ ايم او يو تي صحيحون ڪيون ويون، جيڪو ملڪ جو پهريون اهڙو منصوبو هوندو، جيڪو توانائي سان گڏ زرعي شعبي کي به سهارو ڏيندو. يادداشت تي ايم ايف ٽي سي ڪول گئسيفڪيشن جي سي اي او شاهد تواوالا ۽ شنگھائي اليڪٽرڪ/سينو سنڌ ريسورسز جي سي اي او لِن جيگن صحيحون ڪيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.