لاهور (ويب ڊيسڪ) ناليواري گلوڪارا علي ظفر ٻوڏ متاثرن لاءِ فنڊ ريزنگ ڪنسرٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن ذريعي حاصل ٿيندڙ رقم متاثرن جي بحالي تي خرچ ڪئي ويندي.
ڪنسرٽ 27 سيپٽمبر تي لاهور الحمرا ڪلچرل ڪامپليڪس ۾ ٿيندو، فنڊ ريزنگ ڪنسرٽ ۾ علي ظفر جي پرفارمنس سان گڏ ٻيا مشهور فنڪار به پرفارم ڪندا، جن جي نالن جو اعلان پوءِ ڪيو ويندو.
ڪنسرٽ مان حاصل ٿيندڙ سموري آمدني علي ظفر فائونڊيشن ذريعي ٻوڏ متاثر خاندانن جي بحالي ۽ امداد تي خرچ ڪئي ويندي.
ان حوالي سان علي ظفر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڪنسرٽ رڳو موسيقي نه پر هڪ آواز آهي، اچو ته سڀ گڏجي انهن ماڻهن لاءِ اميد جو ڏيئو بڻجون، جيڪي اڄ مدد جي اوسيئڙي ۾ آهن.
You might also like