خيبر پختونخواهه مان هڪ ئي ڏينهن پوليو جا ٻه ڪيس رپورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه مان پوليو جا ٻه نوان ڪيس سامهون اچي ويا.
اختيارين موجب لڪي مروت ۽ اتر وزيرستان مان نوان ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ ملڪ ۾ هلندڙ سال پوليو جي مجموعي ڪيسن جو انگ 26 ٿي ويو آهي.
اتر وزيرستان جي يوسي مير علي 2 ۾ 19 مهينن جي ٻارڙي ۽ لڪي مروت جي يوسي سلمان خيل جي 11 مهينن جي ٻارڙي ۾ پوليو جي تصديق ٿي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.