تل ابيب (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ صدر ٽرمپ طرفان ڀرپور حمايت جي عزم جو اعلان ڪيو.
آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته صدر ٽرمپ چاهي ٿو ته غزا جنگ اسرائيلي يرغمالين جي آزادي سان هميشه لاءِ ختم ٿي وڃي.
مارڪو روبيو وڌيڪ چيو ته صدر ٽرمپ چاهي ٿو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته حماس هاڻ ڪنهن لاءِ خطرو نه رهي.
هن چيو ته غزا جا ماڻهو هڪ بهتر مستقبل جا حقدار آهن ۽ اهو بهتر مستقبل ان وقت تائين شروع نٿو ٿي سگهي، جيستائين حماس جو خاتمو نٿو ٿئي.
آمريڪي پرڏيهي وزير پنهنجي صدر جي ترجماني ڪندي نيتن ياهو کي چيو ته توهان اسان جي ڀرپور حمايت ۽ نتيجا ڏيندڙ عزم تي اعتماد ڪري سگهو ٿا.
ان موقعي تي نيتن ياهو صدر ٽرمپ جي تعريف ڪئي ۽ کيس پنهنجو سڀ کان وڏو دوست قرار ڏيندي چيو ته مارڪو روبيو جو دورو هڪ واضح پيغام هو ته آمريڪا اسرائيل سان گڏ بيٺو آهي.
You might also like