خيرات يا امداد بدران پاڻڀرو ٿيڻ تي ڌيان ڏينداسين: احسن اقبال

لاهور(م ڊ) ترقي ۽ منصوبابندي واري وزير احسن اقبال چيو آهي ته تازي ٻوڏ سبب 500 ارب رپين جي نقصان جو ابتدائي اندازو لڳايو ويو آهي، ۽ حڪومت هن ڀيري ٻاهرين امداد يا قرض بدران خود انحصاري تي ڌيان ڏيندي  اسان ڪستي کي الوداع چونداسين. لاهور ۾ زرعي ماهر جاويد سليم قريشي ۽ انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرن پاڪستان (آءِ اي پي) جي سيڪريٽري جنرل، انجنيئر امير ضمير خان سان ملاقات دوران احسن اقبال چيو ته ٻوڏ سبب اسان جي زراعت ۽ معيشت کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي پر ڊڄڻ جي ضرورت ناهي، اهڙن نقصانن مان سبق حاصل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته چئني صوبن جي زرعي ماهرن ۽ وزيرن کي طلب ڪيو ويو آهي ته جيئن زميندارن جي بحالي لاءِ مشاورت ڪري سگهون. اسان گڏجي مشاورت سان آبادگارن جي نقصان جو ازالو ڪنداسين. 2022 ۾ به دنيا کي واعدن باوجود ڪا خاص امداد نه ملي، تنهنڪري هن ڀيري اسان جي ترجيح ٻاهرين امداد نه، پر پاڻ تي ڀروسو ڪرڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.