راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) دير جي علائقي لال قلعي ۾ خارجين جي ٺڪاڻي تي ڪارروائي دوران يرغمال بڻايل شهرين جون حياتيون بچائيندي 7 جوان شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب لال قلعي ۾ ڀارتي حمايت يافتا خارجين جي ٺڪاڻي تي آپريشن ڪيو ويو، سيڪيورٽي فورسز ٺڪاڻي کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو ۽ آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 10 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته مقابلي ۾ 7 جوان شهيد ٿي ويا، جن ۾ نائيڪ عبدالجليل، نائيڪ گل جان، لانس نائيڪ عظمت الله، سپاهي عبدالمالڪ، سپاهي محمد امجد، سپاهي محمد دائود ۽ سپاهي فضل قيوم شامل آهن.
آءِ ايس پي آر موجب بهادر جوان يرغمال بڻايل معصوم شهرين جون حياتيون بچائيندي شهيد ٿيا.
You might also like