اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف ۽ ن ليگ جي سينيئر اڳواڻ سعد رفيق رٽائرڊ ججن جي سيڪيورٽي لاءِ سپريم ڪورٽ طرفان گهرو وزارت کي لکيل خط تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
خواجا سعد رفيق سوشل ميڊيا تي خط جي ڪاپي شيئر ڪندي لکيو ته جيڪڏهن اهو خط درست آهي ته سپريم ڪورٽ جو اهو حڪم انصاف، برابري ۽ عام ماڻهو جي تحفظ جي گهرجن جي ابتڙ آهي، سڀني کي چڱي طرح خبر هجڻ گهرجي ته سياستدانن، جرنيلن ۽ ججن جي خواهشن ۽ مراعتن جو بار کڻندي پاڪستانين جي چيلهه چٻي ٿي وئي آهي، غريب رياست هن ملڪ جي اشرافيا جا وڌيڪ نار کڻڻ کي قابل ناهي رهي، تنهن ڪري اهو سلسلو هاڻ ختم ٿيڻ گهرجي.
خواجا سعد رفيق جي پوسٽ تي جواب ڏيندي خواجا آصف لکيو ته اسان سياستدانن جا ڏکيا ڏينهن به ايندا آهن پر ججن جا ميٽر هلندا رهندا آهن ۽ اهي رٽائرمينٽ کانپوءِ نئون دڪان کولي ڇڏيندا آهن.
هن چيو ته اسان پارليامينٽ لاجز جي ٻن ڪمرن ۾ عمر گذاري ٿا ڇڏيون ۽ ٻن ڪمرن جي سرڪاري خرچ تي مرمت کي به 25 سال ٿي ويا آهن، ميڊيا رڳو سياستدانن جو احتساب ڪندي آهي، ٻين سان ميڊيا جو ناجائز اتحاد آهي، اسان جي سيڪيورٽي زيرو، جڏهن ته ججن جي سيڪيورٽي لاءِ ٽينڪ به ڏيو ته اهي هڪ کان وڌيڪ گهرندا.
”جج رٽائرمينٽ کانپوءِ نئون دڪان کولي ڇڏيندا آهن“ خواجا آصف ۽ سعد رفيق مراعتن تي ڪاوڙجي پيا
You might also like