افغانستان کي واضح ڪيو آهي ته پاڪستان ۽ خارجين مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪيو: وزيراعظم

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي جو ڀرپور جواب جاري رهندو ۽ افغانستان کي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستان يا خارجين مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير بنون جو دورو ڪيو، جتي دهشتگردي جي معاملي تي اهم ۽ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل ڏکڻ وزيرستان آپريشن دوران شهيد ٿيندڙ 12 جوانن جي جنازي نماز ۾ به شرڪت ڪئي، جڏهن ته هنن بنون سي ايم ايڇ ۾ زخمين جي عيادت پڻ ڪئي.
سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو ته ڪور ڪمانڊر پشاور علائقي جي سيڪيورٽي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ چيو ته دهشتگردن جا سربراهه ۽ سهولتڪار افغانستان ۾ موجود آهن، انهن دهشتگردن جي پٺڀرائي ڀارت ڪري رهيو آهي.
ان موقعي تي وزيراعطم چيو ته دهشتگردي جو ڀرپور جواب جاري رهندو، افغانستان کي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته خارجين يا پاڪستان مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪيو، پاڪستاني قوم دهشتگردي جي معاملي تي سياست ۽ گمراهه ڪندڙ بيانيي کي رد ڪري ٿي.
هن هدايت جاري ڪئي ته دهشتگردي جو اثرائتو جواب ڏيڻ لاءِ فوري طور ضروري انتظامي ۽ قانوني قدم کنيا وڃن.
سندس چوڻ هو ته دهشتگردي جي واقعن ۾ افغان شهري ملوث آهن، دهشتگرد افغانستان مان پاڪستان اچي دهشتگردي ڪري رهيا آهن، غير قانوني طور پاڪستان ۾ رهندڙ افغانين کي فوري طور ڪڍڻ ضروري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.