توهين عدالت جي درخواست تي نيب چيئرمين ذاتي حيثيت ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ طلب

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ نيب چيئرمين کي توهين عدالت جي درخواست تي 15 سيپٽمبر تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عاليا نيلم جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، درخواستگذار احسن عابد ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيو.
احسن عابد ايڊووڪيٽ موقف پيش ڪيو ته خسرو بختيار ۽ هاشم جوان بخت ناجائز اثاثا ٺاهيا، نيب کي انڪوائري لاءِ درخواست ڏني، عدالتي حڪم باوجود درخواست نه اڪلائي وئي، عدالتي حڪم کي پٺي ڏيڻ تي نيب چيئرمين خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي.
چيف جسٽس عاليا نيلم پڇاڻو ڪيو ته نيب طرفان ڪير پيش ٿيو آهي؟ جنهن تي سرڪاري وڪيل جواب ڏنو ته ڪير به پيش ناهي ٿيو.
پوءِ عدالت نيب چيئرمين کي رڪارڊ سميت طلب ڪندي ٻڌڻي 15 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.