لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود فرسٽ ڪلاس ۾ اهم ڪارنامو انجام ڏيندي 12 هزار رنسون مڪمل ڪري ورتيون.
شان مسعود ڪائونٽي ڪرڪيٽ ۾ گلوسٽر شائر خلاف ليسٽر شائر جي نمائندگي ڪندي اهو اعزاز ماڻيو.
فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ 12 هزار رنسون مڪمل ڪندڙ هو مجموعي طور 43هون پاڪستاني بيٽر آهي.
شان مسعود گلوسٽر شائر خلاف ان ميچ ۾ شاندار 111 رنسن جي انگز کيڏي.
You might also like