نيرن کي ڏينهن جي سڀ کان اهم غذا قرار ڏنو ويندو آهي ۽ جيڪڏهن توهان ان کي اهميت نٿا ڏيو ته ڄاڻي وٺو اها وڏي غلطي آهي.
هڪ تازي تحقيق سان خبر پئي آهي ته دير سان نيرن ڪرڻ جي عادت جسماني صحت تي ناڪاري اثر وجهي سگهي ٿي ۽ مختلف جسماني مسئلن جو سبب بڻجي سگهي ٿي.
طبي ويب سائيٽ تي شايع ٿيل تحقيق موجب نيرن دير سان ڪرڻ جي عادت وڌندڙ عمر، ذهني دٻاءَ ۽ وات جي صحت سان جڙيل آهي.
تحقيق ۾ ڏٺو ويو ته دير سان نيرن ڪندڙ ماڻهن ۾ ڏندن ۽ مهارن جي بيمارين جو خطرو وڌيڪ هوندو آهي، انهن جو جسم وقت کان اڳ پوڙهو ٿيڻ لڳندو آهي ۽ صحت جا مسئلا به وقت کان اڳ ظاهر ٿيندا آهن.
ماهرن موجب ماڻهن کي نيرن جلدي ڪرڻ جي عادت اختيار ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي ذهني دٻاءَ، ٿڪاوٽ ۽ وات جي مسئلن کان محفوظ رهن.
You might also like