سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي، هيٺاهين وارا علائقا ٻڏڻ جو خدشو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ( اين ڊي ايم اي) جي نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر ايندڙ 12 کان 24 ڪلاڪن دوران پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ برساتن جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.
رپورٽ موجب، پنجاب جي اتر اوڀر ۽ ڏکڻ ضلعن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو امڪان آهي. گوجرانوالا، سيالڪوٽ، لاهور، حافظ آباد، فيصل آباد، چنيوٽ ۽ سرگوڌا ۾ وقفي وقفي سان برسات ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته ملتان، ليه، خانيوال، وهاڙي، بهاولپور، بهاولنگر، مظفرڳڙهه، ڊي جي خان، خانپور، راڄنپور، لياقت پور، ظاهر پير، صادق آباد ۽ رحيم يار خان ۾ طوفاني برساتن جو امڪان آهي.
ان دوران هيٺاهين علائقن جي ٻڌڻ، ندي نالن ۾ چاڙهه ۽ جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو آهي.
سنڌ جي ڏاکڻي ضلعن ۾ ايندڙ 12 کان 24 ڪلاڪن دوران طوفاني هوائن سان گڏ تيز برسات جو امڪان آهي.
اين ڊي ايم اي موجب، ٺٽو، بدين، ٿرپارڪر، مٺي، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو آدم، حيدرآباد، ڪراچي ۽ ڀرپاسي ۾ برسات ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته سنڌ جي اترين ۽ وچولن ضلعن ۾ پڻ وقفي وقفي سان هلڪي برسات جو امڪان آهي.
اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته سکر، لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد، خيرپور، دادو، جيڪب آباد، ڪشمور، ڄامشورو ۽ ڀرپاسي ۾ به هلڪي برسات ٿي سگهي ٿي.
ان کانسواءِ بلوچستان جي ڪيئي ضلعن ۾ ايندڙ 12 کان 24 ڪلاڪن دوران گجگوڙ کنوڻ سان گڏ وقفي وقفي سان برسات جو امڪان آهي.
زوب لورالائي، سبِي، ڊيرا بگٽي، سوئي، خضدار، آواران، برکان ۽ لسٻيلي ۾ آنڌاري ۽ طوفان سان گڏ برسات ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته لينڊ سلائيڊنگ ۽ ندي نالن ۾ چاڙهه جو خدشو پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.