سريلنڪا جو ڇهن ورهين بعد پاڪستان جو دورو، ون ڊي سيريز جو شيڊيول جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) اعلان ڪيو آهي ته سريلنڪا جي ٽيم نومبر ۾ پاڪستان جو دورو ڪندي، جنهن دوران ٽِن ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏي ويندي.
پي سي بي موجب، پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٽئيون ڊي انٽرنيشنل ميچون راولپنڊي ۾ کيڏيون وينديون، سيريز 11 نومبر کان 15 نومبر تائين جاري رهندي.
واضح رهي ته سريلنڪن ٽيم 2019ع کانپوءِ پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ ون ڊي سيريز کيڏڻ اچي رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.