شارجا (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ کان اڳ پاڪستان ۽ ڀارت جي رانديگرن ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ واضح ڪيو آهي ته ڀارت ايشيا ڪپ ۾ ضرور کيڏندو، پر حڪومت جي پاليسي تحت دشمن ملڪ خلاف ٻطرفن مقابلن ۾ حصو نه ورتو ويندو .
واضح رهي ته ماضيءَ ۾ پاڪ-ڀارت ميچن دوران گرائونڊ ۾ ڇڪتاڻ هوندي هئي، پر ميدان کان ٻاهر ٻنهي ملڪن جا رانديگر دوستاڻو تعلق رکندا هئا. پر مئي ۾ ٿيل پاڪستان-ڀارت جنگ کان پوءِ هاڻوڪي صورتحال بلڪل مختلف رخ اختيار ڪري چڪي آهي.
اڱاري ڏينهن ( 14 سيپٽمبر) دبئي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ايشيا ڪپ جو وڏو دنگل رٿيل آهي، جڏهن ته ڇنڇر 6 سيپٽمبر جي شام دبئي آءِ سي سي اڪيڊمي ۾ ٻنهي ٽيمَن هڪ ئي گرائونڊ ۾ ٽي ڪلاڪ نيٽ پريڪٽس ڪئي.
ان دوران رانديگرن ۾ ويڇا واضح طور نظر آيا، ميڊيا کي اميد هئي ته رانديگر هڪ ٻئي سان هٿ ملائيندا، پر هڪ ئي گرائونڊ ۾ هئن باوجود نه ڪنهن هڪ ٻئي ڏانهن ڏٺو ۽ نه ئي هٿ ملايو.
You might also like