گورنر جي وڌيڪ ماڻهو گم ٿيڻ جي دعويٰ، وڏي وزير جي ترديد

ڪراچي (ارباب چانڊيو) سنڌ ۾ سياسي پس منظر ۾ ماڻهن جي اوچتو گم ٿيڻ جي خبرن تي نوان بيان سامهون اچي ويا آهن. گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري هڪ سوال جي جواب ۾ چيو آهي ته هاڻي وڌيڪ ماڻهو گم ٿيندا، اهو سلسلو رڳو شروع ٿيو آهي. ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واضح ڪيو آهي ته نٿو چاهيان ته گهر ويٺي خبرون ٺاهيندڙن کي ڪجهه چوان، اهڙي ڪا ڳالهه ناهي ۽ هن خبرن کي بي بنياد قرار ڏنو آهي. ٻنهي اهم شخصيتن جا بيان سامهون اچڻ کانپوءِ سياسي حلقن ۾ بحث آهي ته اصل ۾ حقيقت ڪهڙي آهي؟ گورنر جو موقف آهي ته وڌيڪ انڪشاف ٿيندا ۽ معاملو اڳتي وڌندو، جڏهن ته وڏي وزير دعويٰ ڪئي ته اهو رڳو افواهن جو سلسلو آهي. ٻنهي جي بيانن سان صورتحال وڌيڪ ڳجهارت بڻجي وئي آهي ۽ عوام پاڻ فيصلو ڪري سگهي ٿو ته ڪير سچ ڳالهائي رهيو آهي ۽ ڪير نه. رپورٽن مطابق سياسي پارلياماني ڌرين مان به ماڻهو گم ٿيڻ بابت ڳالهيون جاري آهن ۽ اهو سلسلو آهستي آهستي سامهون اچي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.